اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گولڊ مافيا خلاف انٽيليجنس ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وڏي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، اسمگلرن ۽ مافيا جون لسٽون تيار ڪيون ويون، ذريعن مطابق گولڊ مافيا ۽ اسمگلرن خلاف ايڪشن لاءِ قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين تي ٻڌل ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ٽاسڪ فورس سون اسمگلنگ ڪندڙ مافيا ۽ اسمگلرن جون لسٽون تيار ڪيون آهن، ان کانسواءِ حڪومت گولڊ ڊيلرن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ سون جي خريد ۽ وڪري کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪرڻ جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو فائدو هر عام شهري ۽ ملڪ کي ٿيندو، واضح رهي ته سون جون قيمتون پهريان ئي مارڪيٽ ۾ گهٽجي رهيون آهن.