هي نينگر نه پر جوان آهي، سندس نالو ايا کجڙ آهي،هي نينگر اڄ سنڌ جي وجود لاءِ گهران پنهنجي ماءُ کان موڪلائي نڪتو ته امان آئون اڄ تنهنجي ٿڄ  ملهائڻ لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ وڃان پيو، آئون اسان جو پاڻي بند ڪندڙ يزيدي ٽولي سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ حسيني سپاهي ٿي پنهنجي حصي جي جنگ لڙڻ وڃان پيو، امان تو مون کي جنم ڏنو، هي سنڌ ڌرتي منهنجي ٻي ماءُ آهي جنهن جو پاڻي پي آئون وڏو ٿيو آهيان، جنهن جي پوکي کائي آئون جيان پيو، پنهنجي والد کي به اهو ئي چيائين ته بابا اڄ سنڌو درياءَ مان تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف شهر ۾ هڙتال آهي، اڄ مون کي نه روڪجان، تون منهنجو پيءُ آهين ۽ سنڌو درياءُ اسان جو پيءُ آهي، جنهن اسان جي قديم تهذيب کي پنهنجي ڪنارن تي جنم ڏنو آهي، اياز لاڙڪاڻي شهر ۾ ٿيل هڙتال دوران والدين کان اجازت وٺي ٻاهر نڪتو ته شهر ۾ ڪجهه دڪان کليل هئا، جن کي ڪارڪن بند ڪرائي رهيا هئا، اچانڪ اتي هٿارين جا منهن کلي ويا جنهن سبب اياز زخمي ٿي پيو، ماڻهو پستول جي فائر تي ٽڙپکڙ ٿيڻ لڳا پر اياز زخمي جسم سان اهو چوندو رهيو آهي، دڪان بند ڪريو ،هي هڙتال اسان جي وجود جي لاءِ ڪرائي وئي آهي، هي هڙتال سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ غيرقانوني ڪئنالن خلاف ڪرائي وئي آهي، دڪان بند ڪري پنهنجي حصي جو فرض پورو ڪريو، واقعي واري هنڌ موجود ماڻهو زخمي اياز کي کڻائي لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر پهتا جتي کيس فرسٽ ايڊ ڏنو ويو، اسٽريچر جي ليٽيل اياز جي چهري تي جيڪا مرڪ هئي ائين پي لڳو ته جيڪڏهن ڪا خوفناڪ جنگ لڳندڙ هجي ۽ خونريزي ٿيڻ واري هجي ته سندس چهري جي مرڪ ڪنهن چوٽي ته بيهي لشڪرن کي ڏيکارجي ته اهي پنهنجي جنگ روڪي ڇڏين،اياز جنهن جي عمر 12 سال مس هجي پر سندس دليري دنگ ڪري ڇڏيو، سور ۾ چور چور پتڪڙو جسم پر سندس چهري تي خوبصورت مرڪ ۽ سنڌ سان وفا جا نعرا،اياز گولي گهايل جسم سان اهو چئي رهيو هو، اي سنڌ امان منهنجو جسم ۽ قد ته ننڊڙو آهي، پر منهنجو حوصلو هماليه ۾ به ڏار وجهي سگهي ٿو، پنهنجي ماءُ کي گهران وچن ڪري نڪتو هئس ته پنهنجي ٻي ماءُ جي وجود تي ٿيندڙ وار خلاف وڙهڻ وڃان پيو ! اي سنڌ امان اياز جو توسان وچن آهي ته پنهنجي رت جو قطرو قطرو وهائي ڇڏيندس پر تنهنجي قطري قطري جو دفاع ڪندس، اياز تو سنڌ ۽ سنڌو جي بقا ۾ پنهنجي حصو جو جهاد ڪيو، تو اڄ اهو پيغام ڏنو آهي ته جڏهن به سنڌ جي بقا تي ڳالهه آئي ته الاهي ڪيترا اياز ائين جنم وٺندا، اياز جو لاڙڪاڻي جي ٽراما سينٽر ۾ علاج هلندڙ آهي، سڄي سنڌ جي دعا آهي ته اياز جلد صحتياب ٿي وڃي، سندس مرڪ قائم ۽ دائم هجي، اياز جي والدين کي نمي سلام پيش ڪجي ٿو،جنهن کيس سنڌ جي نالي جي گُهٽي ڏني،