گولاڙچي (ن پ ا) شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ صحافي اتحاد ۽ ڪاوش ڪي ٽي اين جي سڏ تي شھيد فاضل راھو چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، خبر موجب شھيد جان محمد مھر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ صحافي اتحاد ۽ ڪاوش ڪي ٽي اين سٿ جي سڏ تي گولاڙچي ۾ شھيد فاضل راھو چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي، جنھن ۾ صحافين سميت قومي عوامي تحريڪ، جسقم، ايس يو پي ، عوامي تحريڪ ۽ ٻين سياسي سماجي ڪارڪنن شرڪت ڪئي، احتجاجي ريلي بعد گولاڙچي پريس ڪلب آڏو رضا آڪاش ، يوسف جاني ، اصغر نوتڪاڻي، محفوظ سنڌي ، منور پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو ھڻي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو،  مظاھرين چيو ته شھيد جان محمد مھر جي خون کي ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي پر اسان تيستائين خاموش نه رهنداسين جيستائين انصاف نه ٿو ڪيو وڃي مھردين مري.