بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ضلعي جي ٽن تعلقن بدين، گولاڙچي ۽ ٽنڊوباگي ۾ برساتن ۽ سم نالن جي گهارن تباهي مچائي ڇڏي، ڪيترائي گھر ڪري پيا، لکين ايڪڙن تي بيٺل، 5هزار ايڪڙن تي پوکيل سارين سميت ڪمند، ٽماٽي ۽ مرچن جا فصل تباهه ٿي ويا، ٻئي پاسي گولاڙچي جي يوسي ترائي ۾ سم نالن آر (1) ۽ سم نالي آر (3) کي لڳل گهارا 11 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگھيا، 2 سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، پنج هزار کان وڌيڪ ايڪڙن تي بيٺل سارين جو فصل ٻڏي ويو، متاثر بچل سميجو علي محمد ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ جمعو سميجو، عبدالله سميجو، بابر جلالاڻي، مٺو عمراڻي، سومار عمراڻي، عبدالله سميجو، رانجھو ڪولھي ۽ ڪرشن ڪولهي سميت ٻه سئو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آھي، سمن نالن کي لڳل گهارن کي بند ڪرڻ ۾ آبپاشي کاتو توڙي رين ايمرجنسي مقرر فوڪل پرسن مڪمل ناڪام ويا آهن، متاثر سوين ڳوٺاڻن جي ضلعي انتظاميا بدين ڪابه پرگهور نه لڌي آهي، بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، انتظاميه متاثرن کي راشن سميت کاڌو پيئڻ جو پاڻي دوائون نه ڏنيون آھن، جڏهن ته بکن سبب ڪيترائي ٻارڙا بيمار ٿي پيا آهن، ٻئي پاسي تعلقي گولاڙچي جي يونين ڪائونسل ترائي ۾ سم نالن R1 ۽ سم نالي R3 کي لڳل گهارا 11 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگھيا، بدين ضلعي لاءِ مقرر ڪيل رين ايمرجنسي فوڪل پرسن صوبائي وزير سيد ذولفقار شاھه ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين ياسر ڀٽي پاران ٽائيم نيوز سان ڪيل ڳالھه ٻولھه ۾ سمن کي لڳل گھارا بند ڪرڻ جون دعوائون ڪوڙيون نڪتيون، گھارن سبب متاثر ٿيل ڳوٺاڻن عبدالله سميجو، ڪاشف ميمڻ، نظير حجام پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته سم نالن آر ون ۽ آر ٿري کي لڳل گهارا بند نه ٿيا آھن، اڃا تائين ھلندڙ آھن، گھارا بند ڪرڻ ۾آبپاشي کاتو توڙي رين ايمرجنسي مقرر فوڪل پرسن مڪمل ناڪام ٿي ويا آهن، ھنن چيو ته گذريل 9 ڏينھن تائين انتظاميه گھارا بند ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي نه ورتي ھئي، جڏھن ته ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران حقيقتن تي ڪيل رپورٽنگ بعد پھچي گھاري کي بند ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون آھن پر گھارا اڃا تائين بند نه ٿي سگھيا آھن، ھنن چيو ته سوين ڳوٺاڻا ٻچن سميت بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن.