بدين/ گولاڙچي (نمائندن وٽان) ڳوٺ ماکن جت ۾ زمين تي مبينا قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج خبر موجب گولاڙچي ڀرسان ڳوٺ ماکن جت ۾ پنج ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي خلاف ڳوٺ ماکن جت جي رهواسي ڳوٺاڻن جمعون جت، بلاول جت، ارشاد چانڊيو ۽ ٻين گولاڙچي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو آھي ته ڳوٺ ماکن جت ۾ اسان جي زرخريد پنج ايڪڙ زمين آھي، جنھن تي علائقي جي ٻن بااثر ماڻھن قبضو ڪرايو آھي ۽ اسان کي مارڻ توڙي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن، ھنن چيو ته زمين جا سمورا مالڪاڻا دستاويز اسان وٽ آھن، اسان جي زمين تي لون به کنيل آھي، ان جي باوجود به روينيو عملدارن کي پئسا ڏئي اسان کان اسان جي زمين ڦري پئي وڃي، ھنن چيو ته زمين تان قبضو ختم ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ احتجاجن خاندان سميت پاڻ ساڙينداسين.