گولاڙچي (ن پ ا) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي گولاڙچي شهر ۾ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، جتي سنڌي شاگرد تحريڪ ضلع بدين جي صدر سريش ڪمار ڀيل، رشيد هاليپوٽو، دلدار نوحاڻي، جميل ملاح، عوامي تحريڪ ضلعي بدين جي نائب صدر جاکرو نوحاڻي، سجاڳ ٻار تحريڪ مرڪزي جنرل سيڪريٽري امرجليل هاليپوٽو، اشوڪ ڪولهي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي اعلي تعليمي ادارن ۾ شاگرد ۽ تعليم دشمن پاليسين، 40 سال پراڻي نصاب ۽ گولاڙچي ھائير سيڪنڊري اسڪول ۾ بجلي پيئڻ جو صاف پاڻيءَ، راند جو گرائونڊ نه ھجڻ، ليب جي سامان سميت سائنس ٽيچر نه ھجڻ، گرلز مڊل اسڪول جي بحالي پرائمري اسڪولن جون عمارتون ٺھرائڻ لاءِ جلد قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.