گولاڙچي (ن پ ا) جاتي ۾ بااثرن پاران قتل ڪيل رميش ڪمار ڪولھيءَ جي قاتلن جي عدم گرفتاري خلاف گولاڙچي ۾ قومي عوامي تحريڪ بدين جي سڏ تي سوين ماڻهو رستن تي نڪري آيا، گولاڙچي جي شهيد فاضل چوڪ کان ريلي جي شڪل ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر اصغر نوتڪاڻي، سنڌياڻي تحريڪ جي ڪامريڊ مينا ڪماري، ڪرشن ڪولهي، ڊاڪٽر رامسنگهه، خليل ابراهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرين گولاڙچي پريس ڪلب پهتا جتي ڌرڻو هنيو ويو، ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير حسن پنھور ،قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر اصغر نوتڪاڻي ۽ ڪامريڊ ڪرشن ڪولهي پاران خطاب ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، قومي عوامي تحريڪ جي صدر اصغر نوتڪاڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جي زندگي ازيت ۾ مبتلا آهي، غريب ۽ مسڪين کي انصاف ميسر ناهي، پوليس عدالت جا حڪم ٿڏي رهي آهي، رميش ڪمار جا قاتل گرفتار ڪرڻ بجاءِ ايس ايچ او جاتي قاتلن جي پٺ ڀرائي ڪري رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ جي پورهيت ۽ هاري طبقي تي جبر جون هڙ حدون عبور ڪيون ويون آهن، اصغر نوتڪاڻي چتاءُ ڏيندي چيو ته رميش ڪمار جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو مھردين مري.