ملير ( رپورٽ : ناز شر ) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو آهي ته اسڪولن مان غير حاضر رهندڙ 7 هزار استاد ٻارن جا قاتل آهن، انهي گوسڙو استادن کي گهر موڪليو ويندو، پرڳڻي جي سرڪاري اسڪولن ۾ 8 لک نون شاگردن جي داخلا لاءِ ملير مان شروع ڪيل مهم جو افتتاح ڪندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ 52 لک ٻار داخل ٿيل آهن هيل 8 لک نئين داخلائن بعد اهو انگ وڌي 60 لک تي پهچي ويندو، هن چيو ته 2889 بند پيل اسڪول کولي اتي 2587 استاد مقرر ڪيا آهن، هن چيو ته غير حاضر 7 هزار استادن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته استادن کي لائسنس ڏيڻ، صوبي ۾ 300 ماڊل اسڪول ٺاهڻ ۽ اسڪولن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ به ڪم هلي رهيو آهيهن چيو ته 2022ع ۾ آيل برساتي ٻوڏ سبب سنڌ جا 19 هزار اسڪول تباهه ٿيا، جن کي مرحليوار بحال ڪيو پيو وڃي، اسان 65 هزار کان وڌيڪ استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪيا آهن ، هن چيو ته تمام جلد سائنس ٽيچرز ۽ ميوزڪ ٽيچرز جي ڀرتين جو پڻ اعلان ڪيو ويندو، سيد سردار شاهه وڌيڪ چيو ته استادن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ سوسائٽي اسان جو ساٿ ڏئي، غير حاضر رهندڙ ۽ ٻارن کي نه پڙهائيندڙ استادن کي برداشت نه ڪيو ويندو، استادن جي مانيٽرنگ جي نظام کي مضبوط ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر 5 ۽ سيڪنڊري اسڪولن جا هيدماستر 10 وڻ لڳائيندا، جن جي نگراني تعليم کاتو ڪندو، سيد سردار شاهه چيو ته درسي ڪتابن جي ڇپائي جي شروعات عام طور تي آگسٽ کان ٿيندي آهي، نگران دور ۾ ڪو به ٽينڊر نه ٿي سگهيو،اسان سرڪاري اسڪولن لاءِ ملندڙ مفت ڪتاب تعلقي آفيسن ۾ پهچاياآهن، خانگي اسڪولن لاءِ ڪتاب اڄ مارڪيٽ ۾ پهچندا، جيڪڏهن نه پهتا ته آئون پاڻ اردو بازار ويندس.