ڪراچي/ مٺي (نمائندا) سنڌ جي صحت کاتي جي اختيارين ٿرپارڪر جي  15 ميڊيڪل آفيسرن ۽ 12 ننڍن ملامن سميت 27 ڄڻن کي غيرحاضر رهڻ تان معطل ڪري ڇڏيو،  ڊي ايچ او ٿرپارڪر جي سفارش بعد تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڇاڇري جي 6 ميڊيڪل آفيسرن راجيش ڪمار، ڀيشم ڪمار، ليکراج، ڏيون ڪمار، ڊاڪٽر طاهر ۽ ڪرن ڪشور، ڏاهلي تعلقي جي  5 ڊاڪٽرن موهن، جئه ڪمار، ڀرت ڪمار، ڊاڪٽر طاهر ۽ ڊاڪٽر حميد، اسلام ڪوٽ جي ڊاڪٽر چيتن،  مٺي جي ڊاڪٽر راجيش ڪمار، ڪلوئي جي ڊاڪٽر ڀيشم ۽ ڊاڪٽر دليپ کي غير حاضري جي الزام هيٺ معطل ڪيو ويو آهي، ڊي ايچ او ڄاڻ موجب ڄاڻايل 15 ڊاڪٽرن خلاف ڪيتري ئي وقت کان غيرحاضري جون شڪايتون هيون.  معطل ٿيل 12 ننڍن ملازمن ۾ چوڪيدار نائب قاصد ۽ ڊسپينسر شامل آھن. واضح رهي ته ٿر ۾ صحت کاتي جي مبينا ناڪاره ڪارڪردگي جو سپريم ڪوٽ پاڪستان جي چيف جسٽس پاران نه رڳو نوٽيس ورتو ويو هو پر سندس 8 جنوري تي مٺي سميت ٿر جي مختلف علائقن جو دورو رٿيل آھي. امڪاني صورتحال ۾ صحت کاتي جي اختيارين اسپتالن ۾ علاج جون سهوليتون بهتر ڪرڻ بدران هڪڙي پاسي مٺي سول اسپتال سميت سمورين وڏين ننڍين اسپتالن کي رنگ روغن ذريعي چمڪائڻ شروع ڪيو آھي ته ٻئي طرف ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي جي هڪ اسپتال کان ٻئي اسپتال ڏانهن بدلين ۽ مقررين جي ڌم لائي ڏني آھي.