ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت غير حاضري ۽ بدانتظامي جي الزام هيٺ زراعت کاتي جي 4 ڊپٽي ڊائريڪٽرن سميت 28 آفيسرن ۽ ملازمن کي معطل ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ زراعت کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب واٽر مينيجمينٽ ونگ جي 10 آفيسرن معراج محمد، ارشد ابڙو، عبدالڪريم قريشي، محمود پليجو، عقيل ابڙو، مختيار چانڊيو، احمد گبر، محمد عرس جت، مبارڪ علي، ايگريڪلچر ريسرچ ونگ جي جاويد علي، نظام الدين، اعجاز علي، خالد حسين، محمد امين، ارباب چانڊيو، غلام رسول، فرحان علي، ارشد سومرو، رياض علي سميت 28 ڄڻن کي معطل ڪيو ويو آهي.