دادو (رپورٽر ) گورک هل اسٽيشن ڊولپمنٽ اٿارٽي جي 150 ملازمن جون هڪ سال کان پگهارون بند ڪيون ويون آهي ، پگهارون نه ملڻ خلاف عرفان علي جمالي ، آصف جمالي ۽ حسن بروهي جي اڳواڻي ۾ گورک اٿارٽي جي ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ايس پي چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ۽ پگهارون بند ڪرڻ خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته 2008 کان گورک هل اسٽيشن ڊولپمنٽ اٿارٽي ۾ ملازمت ڪيون پيا ،هڪ سال کان پگهارون بند ڪيون ويون آهن، پگهارون نه ملڻ ڪري گهر ڀاتي فاقا ڪٽڻ تي مجبور آهن، ملازمن مطالبو ڪيو آهي ته هڪ سال جون پگهارون ڏئي فاقاڪشي کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.