واهي پانڌي (رپورٽ : عابد لاشاري) سنڌ جي تاريخي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ٿيل 23 ارب رپين جي ڪرپشن تي ڪراچي بار، ڪراچي هاءِ ڪورٽ بار، حيدرآباد بار ايسوسيئيشن، دادو بار، بدين بار ايسوسيئيشن ،مٺي بار ايسوسيئيشن سميت مختلف بار ايسوسيئيشن جي طرفان نيب ۽ ايف آئي اي کان گهر ڪئي وئي آهي ته سنڌ جي تفريحي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ٿيل 23 ارب رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث چيئرمين گورک هل اٿارٽي رفيق جمالي گورک هل اسٽيشن تي ترقي جي نالي تي روڊ ٺاهڻ، هٽ ٺاهڻ ۽ پارڪ سميت ٻن اسڪيمن جي مد ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي جنهن جانچ لاءِ سنڌ جي مختلف بار ايسوسيئيشن طرفان نيب ۽ ايف آئي اي کي خط لکيو ويو آهي ملوث ماڻهن خلاف جانچ ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي.