حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران ڊريگن فروٽ جي پيداوار وارو ڪامياب تجربو ڪرڻ کانپوءِ گورک ھل تي انگور، ڏاڙھون ۽ ڊريگن فروٽ جا تجرباتي فارم لڳائڻ جي تجويز، سنڌ زرعي يونيورسٽي پاران فيبروري 2024ع ۾ عمرڪوٽ ۾ عالمي ميڊيسنل پلانٽس ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. رپورٽ موجب سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام مارچ 2023ع ۾ يونيورسٽي جي لطيف فارم ۾ پوکيل ڊريگن فروٽ جي تجربي بعد بهتر پيداوار حاصل ڪئي. ان سلسلي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي هارٽيڪلچر شعبي جي ميزباني ھيٺ ”سنڌ ۾ ڊريگن فروٽ پوکڻ جي گنجائش“ جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار ۾ ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ريسرچ نور محمد بلوچ، مختلف ڪاليجن جي ڊينز، ترقي پسند هارين، زرعي ماهرن، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ پيداوار توڙي قميت رکندڙ ميوون جي پوکي ۽ ان تي تحقيق شروع ڪئي وئي آهي جنهن جو مقصد معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ آبادگارن کي خوشحالي جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن چيو ته گذريل 25 سالن کان زرعي ترقي جمود جو شڪار آهي ان ڪري يونيورسٽي سنڌ ۾ اھڙا ميووا پوکڻ تي تحقيق ڪري رھي آھي جيڪي موسم جي مناسبت سان ھتي نه ٿا ٿين. وي سي چيو ته ايندڙ سال فيبروري 2024ع ۾ سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۾ عالمي ميڊيسنل پلانٽس ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي. سيمينار کي خطاب دوران ڪمشنر سيد خالد حيدر شاهه چيو ته ڊريگن فروٽ صوبي لاءِ نئون ۽ غير روايتي ميوو آهي پر جيڪڏهن ان جي پوکي تي تحقيق توڙي مارڪيٽ ۾ بھتر نموني سان رسائي ۽ پذيرائي ٿئي ته آبادگار ان مان تمام گهڻو فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ۽ ڊريگن فروٽ پوکڻ واري پروجيڪٽ جي فوڪل پرسن پروفيسر نور النساءَ چيو ته يونيورسٽي ۾ پهريون ڀيرو ڊريگن فروٽ پوکڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي. جيڪڏھن ھن ميووي کي ٻاھرين  ملڪن ۾ ايڪسپورٽ ڪيو وڃي ته ملڪ کي سٺو فائدو ٿيندو. دعا فائونڊيشن جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر فياض عالم چيو ته سنڌ ۾ گورک ھل جي موسم ٿڌي آهي اتي انگور، ڏاڙھون ۽ ڊريگن ميووي جا باغ لڳائي سگهجن ٿا. ھن چيو ته ٿرپارڪر ۾ 60 زرعي منصوبن تي مقامي ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي. سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر وائيس چيئرمين سيد نديم شاهه ڄاموٽ چيو ته ڊريگن منافعي بخش ميوو آهي پر ان جي مقامي مارڪيٽنگ تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪوششن سان 60 سيڪڙو بصر جو فصل تباهي کان بچي ويو آهي جڏھن ته هارين کي بهتر ٻج فراهم ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ان موقعي تي ڊين ڪراپ پروڊڪشن فيڪلٽي ڊاڪٽر عنايت الله راڄپر، ڊاڪٽر مجاهد حسين لغاري، ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر، ڊاڪٽر ڪلثوم ٻٻر، نائلا گانڌي، ايم ايڇ پنهور فارمز جي ڪو چيئرمين غلام سرور پنهور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.