گورن تي گوليون هلائيندڙ مجاهد مائي ملالئه جو ماڳ مصيبت ۾!

0
61
گورن تي گوليون هلائيندڙ مجاهد مائي ملالئه جو ماڳ مصيبت ۾!

 هندوڪش جبلن جي هنج ۾ آموندي جھڙا آبشار رکندڙ غورين، غزنوين، ارغونن ۽ عالمن ابدالين جي ارض افغانستان عرصي کان وٺي امن جي آشا ۾ آهي، سرد جنگ جي سودي بازيءَ کان وٺي سندس سور سوايا ٿي چڪا آهن، شاهه نامي جي سرجيندڙ شاعر فردوسي جي فهم ۾ اها ڳالهه قطعي ڪانه هئي ته ڪو سندس وطن فسادن جي ور چڙهي واهر لاءِ واجھائيندو رهندو ۽ گوهر پيدا ڪرڻ وارو گلستان ويران وادين ۾ بدلجي ويندو. لگمان لوگر لهولُهان  فاراهه کان غور تائين غمن ۾ گڏجي ويندو.

                 پڪتيه، پنجشير ۽ پروان جا پر پيچ پهاڙ، هيرات ۽ هلمند جون هيڪانديون حسين واديون قندوز، قنڌار، ڪيپسيا، ڪنڙ ۽ ڪابل جا ڪشش ڀريا ڪوهسار ۽ وسيع وڻراهه، زابل جون زرخيز زمينون، خوست، خرامان، جون خوبصورت خوبانيون، آڙو، اخروٽ ۽ عاليشان انگور، بلخ، باميان ۽ بغلان نمرود ۽ ننگرهار جون نارنگيون، نيزا ۽ نرمل نظارا وسارڻ واجب ناهن.

                 ميدان، وردڪ، جوزجان ۽ غزني جي غارن ۾ گوناگون، گئس، تيل، سون ۽ ڪوئلو، ٽامو، ليٿيم، لوهه، سنگ مرمر، سنگ لاجورو جي سلسلي کان سواءِ آمو درياءُ ۽ ڪابل ندي جي ڪڇ وارن ڪوهسارن ۾ قيمتي پٿر، ياقوت، مرجان ۽  باڪسائيٽ واري بيشمار معدني مايا مڻن ۾ موجود آهي، جن لاءِ انڊيا، برطانيا ۽ چين جي ڪيترين ئي چوکين ڪمپنين معاهدا ڪيا آهن. مگر پوءِ قيمتي خزانا کوٽي هتان جي خلق کي خوشحال ڪرڻ بجاءِ خالي خوش فهميءَ ۾ رکي، آفيم، ڏوڏي ۽ هيروئن جي حاصلات تائين محدود رکيو آهي، جنهن ڪري دنيا  ڏانهن نوي سيڪڙو نسورو نشو هتان ئي حاضر ٿئي ٿو. فقط اسان جي ملڪ ۾ 76 لک نسل نشئي ٿي پيو آهي جيڪو سيڪ هن سرزمين کان پهتو آهي.

هي ملڪ هن وقت 30 صوبن 400 ضلعن ۽ 3 ڪروڙ 80 لک جي انساني آباديءَ تي مشتمل آهي.  هن ملڪ جي 560 ڪلوميٽر سرحد ايران 144 ازبڪستان 804 ڪلوميٽر، ترڪمستان 344 ڪلوميٽر، تاجڪستان 8 ڪلوميٽر، چين ۽ پاڪستان سان 1640 ميل يا 2624 ڪلوميٽر سرحد ملي ٿي. هن وقت هن ملڪ جا لڳ ڀڳ 40 لک شهري پاڪستان ۾ پناهگيرن جي حيثيت ۾ موجود آهن.

هي خطو 642ع کان 1146ع تائين غورين جي غيض و غضب خراسانين جي خونريزي، منگولن جي مصيبت، 1880ع ۾ انگريزن، 1949ع ۾ روسين جي رهزنين جو مرڪز رهيو. انگريزن افغانستان تي قبضي لاءِ 1839 کان 1842ع  ۾ وري 1878 کان 1880ع ۾ لشڪر ڪشي ڪئي، جنهن ۾ پختون عورتن مشوند جي ملالئه ديگر مقامي مجاهدن سان گڏ سخت مزاحمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ انگريز 16 هزار فوجين جو لشڪر مارائي شڪست کاڌي ۽ ان لشڪر مان فقط اڪيلي ڊاڪٽر وليم بريدن کي افغانين زنده ڇڏيو ته جيئن هي واپس وڃي انگريزن کي ناڪاميءَ جا اکين ڏٺا احوال ٻڌائي سگھي. ان کان پوءِ 1893ع کان مئي 1919ع تائين انگريزن سان جنگ ۾ افغانين آڻ مڃي ۽ 1893 جي ايگريمينٽ تي آماده ٿيا جيڪو انگريز عملدار مارٽيمير ڊيورنڊ جي زير نگراني افغانستان وچ ۾ معاهدو ٿيو جنهن ۾برٽش انڊيا سان1640 ميل يا 2624 ڪلوميٽر سرحدي دنگ بندي ٿي جنهن کي ديورنڊ لائين چيو وڃي ٿو. ان بعد افغانستان ۾ بادشاهي نظام لاڳو ڪيو ويو جيڪو 40 سالن تائين جاري رهيو، جنهن ۾ ڪجھه قدر افغان عوام سک جو ساهه کنيو، جنهن بعد افغان بادشاهه ظاهر شاهه کي تخت تان معذول ڪري سوشلسٽ نظام تحت حڪومت وجود ۾ آندي وئي جنهن جي نتيجي ۾ روسي فوجون افغانستان ۾ داخل ٿي ويون جنهن کي ڏسي آمريڪا ۽ سعودي سميت عرب ملڪن خليج فارس ڏانهن سندس پيش قدمي قرار ڏئي مجاهدن جا ٽولا منظم ڪري روسي فوجن خلاف  مهم شروع ڪئي، جن ۾ غازي گلبدين حڪمت يار، يونس قانوني، برهان الدين رباني ۽ صبغت الله مجددي سرفهرست آهن. هيءَ جنگ جيئن ته آمريڪا ۽ سعودي عرب جي سرپرستيءَ ۾ وڙهي وئي، جنهن ۾ اسان جي ملڪ پراڪسي پهلوان طور پاڻ مڃايو، خيابان ۾ خصوصي خونريزي شروع ٿي وئي جيڪا ڪم و پيش ڏهن سالن يعني 1979ع کان 1991ع تائين جاري رهي، هن جنگ و جدل واري جبر واري جهان ۾ 30 لک شهري بارود جي بک ٿيا ۽ روسي ۽ افغان فوج جا 15000 فوجي موت جي منهن ۾ ويا، نتيجي ۾ نيٺ سوويت يونين يا USSR سوڙهو ٿي پٺين پيرين پنڌ پيو ۽ بلڪه سندس سپر پاور وارو گھمنڊ به گھايل ٿيڻ ڪري گھٽجي پيو ۽ آمريڪا يوني پولر دنيا جو يگانو يار ٿي افق تي اڀريو ۽ پوري عالمي دنيا جو لٺ سردار ٿيڻ ڪري سندس لوڏ لکن ۾ لهڻ لڳي ۽ مجاهدين افغانستان جا مهندار ٿي ميدان تي لٿا ۽ مسند جا مالڪ ٿيا ۽ ان دوران افغانستان جي اتر ۾ احمد شاهه مسعود ۽ عبدالرشيد دوستم وار لارڊ طور پنهنجا لوها مڃائڻ جا لوازمات به پورا ڪندا رهيا.

اٿل پٿل جي نئين دور جو آغاز ٿيو ۽ اسان جي ملڪ ۾ جمهوري دور جي شروعات ٿي ۽ ان وقت جي وزير داخلا نصير الله بابر قنڌار جي ڪنڊ ۾ هڪ ننڍري مسجد “مائي واند” جي پيش امام پاڪستاني ڄائي ملان عمر جي اڳواڻيءَ ۾ طالبان جو نئون برانڊ تشڪيل ڏئي کين “منهنجا پيارا پٽ” قرار ڏئي ميدان تي ملهه پهلوان طور متعارف ڪرايو، اها آرٽ عمدي ثابت ٿي ۽ اهي طالبان تڪڙ ۾ افغانستان کي آڪيوپائيڊ ڪري ملا عمر کي امير منجھان امير المومنين بڻائي سموريون واڳون وس ۾ ڪري ويا ۽ 1994ع کان 2000ع تي امرباالمعروف ۽ نهي المنڪر جو نفاذ ڪري افغانستان ۾ اسلامي حڪومت قائم ڪئي وئي ته انهيءَ دوران 11/9 جو واقعو وقوع پذير ٿي پيو ۽ آمريڪا جا ٻه ٻٽا ٽاور اچي پٽ پيا، جنهن ۾ چار هزار ماڻهو چلتا ٿيا ته آمريڪا مڇرجي هن مجاهدن واري مخلوق کي مات ڏيڻ جي مهم جو آغاز ڪيو. حملي کان اڳ ۾ ملا عمر کان ساڻس مائٽي ۽ منسلڪ ٿيل اسامه بن لادن جي ٻانهن گھري جيڪا هن ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي بلڪه هن سلسلي ۾ اسان جي ملڪ جي خفيه خلق جو سربراهه ۽ آمريڪا ۾ موجود سعودي سفير ۽ سعودي خفيه شعبي جو سربراهه شهزادو ترڪي الفيصل ملا عمر وٽ پهتا ته هن س مٿن واضح ڪيو ته “اگر اوهان منهنجا مهمان نه هجو ها ته اهڙو حشر ڪريان ها جيڪو ٻرڙي ڪيو هو ٻارن سان!! نه صرف اهو پر پاڪستان جو پنهنجي پڙهايل هن کٿابين واري خلق ڪابل ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني کي باهه ڏئي سفير کي مورڳو مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسٽريچر تي هوائي جهاز ۾ واپس وطن آندو ويو!”

نتيجي ۾ نيٺ آمريڪا جي اڳواڻي ۾ نيٽو فورس نمودار ٿيو ۽ افغانستان هڪ ڀيرو ٻيهر بارود جو بک بڻجڻ لڳو، جيڪو سلسلو لڳاتار ويھن سالن تائين بغير ڪنهن وٿيءَ سان هلندو رهيو، جنهن ۾ اسان جو ملڪ آمريڪا جو نان نيٽو اتحادي بڻجي سندن سستو سهولتڪار بڻجي ويو. ان دوران بهتر ۽ بدتر طالبان جو تاثر به قائم ٿي ويو ۽ آمريڪا جي قيادت ۾ ڪاهه ڪارآمد ثابت ٿيڻ بعد حامد ڪرزئي ۽ اشرف غني ۽ عبدالله عبدالله جھڙيون اٽڪلون آزمائي پُپيٽ پارٽين کي پاور ۾ آندو ويو ۽ گھاٽ گھڙي هندستان کي “گھُس بيٺيي” ٿيڻ جي گھٽي به فراهم ڪئي وئي جنهن ڪري اها سرزمين سندس سرگرمين سبب اسان لاءِ به سنگين بڻجي وئي ۽ هند جي هشي تي ٽي.ٽي.پي ۽ بلوچ باغين باهه ٻاري ڇڏي، جيڪا هيل تائين هلي پئي. هن جنگ دوران آمريڪا 2 لک نوي هزار افغان فوجي جديد اسلحي سان ليس ڪري تربيت ڏئي ترو تازا ڪيا، جيڪي به خاص ٻوٽو نه ٻاري سگھيا ۽ طالبان جا فقط 70 هزار سپاهي ساهه سوڙهو ڪندا رهيا. ان جنگ و جدل واري جبري جهان ۾ آمريڪا 975 ارب ڊالرز جي خطير رقم خرچ ڪري به خاطر خواهه نتيجي سان نبردآزما نه ٿي سگھيو، سندس 2400 فوجين کي چلتو ڪرڻ کان سواءِ 3600 سئو افغان ۽ نيٽو سپاهين سان گڏ 2400 سويلين موت جي منهن ۾ ڌڪي ويٽنام جنگ جيان ڀڄڻ ۾ ڀلو ڀانيائين.

ويٽنام ۾ به هن عالمي واڻيي 168 ارب ڊالرز اڏائي اتر ويٽنام ۽ ڏکڻ ويٽنام ۾ ڏاڍ جو سلسلو شروع ڪيو، جتي به سندس مد مقابل سوويت يونين هو، جتي ويڙهه ۾ وڃائڻ بعد ڏکڻ ويٽنام مان شڪست جو سهرو سر تي سجائي آمريڪا سندس فوجي “سئاگو” شهر مان به ايئن ئي ڪڍي فرار ٿيو جيئن 15 آگسٽ 2021ع ۾ افغانستان مان عجلت جي عالم ۾ ڪابل مان ڪوچ ڪيائين ته طالبان ٻيهر اقتدار کان آراسته ٿي عالمي طاقتن کي تهه بالا ڪرڻ جا تمغا ورهائڻ لڳا.

افغان جنگ سبب اسان جي ملڪ ماهرن موجب 15 هزار اهلڪار ۽ 30 هزار شهري ۽ 150 ارب ڊالرز جو معاشي نقصان نڀايو آهي، جنهن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ٽي.ٽي.پي، افغاني امراءَ، جي ترغيب تي  2007ع کان وٺي هن وقت تائين 3280 دهشتگرد حملن ذريعي 7488 ماڻهو شهيد ڪيا ويا آهن ۽ 15086 زخمي ۽ اپاهج ڪيا آهن، جن ۾ 2577 فوجي ۽ پوليس اهلڪار آهن جن ۾352 دهشتگرد ماريا ويا آهن، هن سلسلي ۾ اڃا تائين ماٺار نه آئي آهي.

هن جنگ سبب UNDP جي تازي رپورٽ موجب 97 سيڪڙو افغان عوام غربت جي لڪير کان هيٺ لهي بک سبب بيابانن ۾ ڀٽڪي پيو، جنهن ڪري انساني الميو اڻٽر ٿي پيو آهي، ڪيترائي سندن قافلا، ڪچلاڳ، ڪيچ ۽ چاغي جون چاڙهيون چڙهي اسان جي سرزمين ڏانهن ڪاهيندا پيا اچن، ڏسون ته اهو پنڌ ڪٿي ٿو پور ٿئي؟ سنڌ هونئن به سندن سواڳت ۾ سئو سيڪڙو سرس آهي!!!