اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ وچ ۾ ملاقات ٿي. ٻنهي اڳواڻن صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي عدم دلچسپي، معاشي ترقي لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن، صوبي جي نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ، دانش اسڪول جي قيام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خيبرپختونخوا ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گورنر ڪي پي ڪي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ نوجوانن کي انتشار واري سياست کان پري رکڻ ۽ مثبت سرگرمين ڏانهن آڻڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي، صوبي ۾ امن امان جي بحالي وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.