ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ڪراچي ۾ ڊمپرز ۽ ٽينڪرز حادثن توڙي ڪراچي جي مسئلن بابت گورنر ھائوس ۾ اي پي سي ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو آهي، هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته رمضان جي مھيني ۾ رمضان اتحاد جي نالي سان 10 لک ماڻهن لاءِ افطار ۽ ڊنر جو اھتمام ڪيو، حق پرست گورنر 50 ھزار شاگردن کي ڪمپيوٽر جي تعليم ۽ 10 لک کان وڌيڪ خاندانن کي راشن ڏنو آھي، ھن چيو ته مون تي پارٽي جي پوري قيادت جو اعتماد آھي، هن چيو ته اسان ڪو به واعدو ناهي ڪيو پر ٻين جي ڪيل واعدن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا. هن چيو ته ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ڪيترائي شهري ماريا ويا، جڏهن ته ڊمپر ۽ ٽينڪرز 100 کان وڌيڪ شهرين کي چيڀاٽي ڇڏيو، ظلم وري اهو آھي ته اھو ٻڌايو نٿو وڃي ته ڪيترا ڊمپر ڊرائيور گرفتار ٿيا؟ ڪيترن فوتين جي وارثن کي معاوضو مليو؟ ھن چيو ته مون چيف جسٽس کي 2 دفعا ۽ صدر کي به خط لکيو آھي.