گورنر ٽسوري ۽ ميئر ڪراچي ۾ دنگل جاري : متحده به ميدان ۾ اچي وئي : الزام بازي

0
21
گورنر ٽسوري ۽ ميئر ڪراچي ۾ دنگل جاري : متحده به ميدان ۾ اچي وئي : الزام بازي
گورنر ٽسوري ۽ ميئر ڪراچي ۾ دنگل جاري : متحده به ميدان ۾ اچي وئي : الزام بازي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب ۽ گورنر ٽسوري آمهون سامهون: ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار گورنر جي مدد لاءِ پهچي ويو، هڪٻئي تي الزام، ان ڏس ۾ متحده ايم اين اي فاروق ستار چيو آهي ته مرتضيٰ وهاب مينڊيٽ چورائي ميئر جي ڪرسيءَ تي زبردستي قبضو ڪري ويٺل آهي، هو پنهنجي ڪارڪردگي سڌارڻ بجاءِ ايم ڪيو ايم جي ڪامياب گورنر تي تنقيد پيو ڪري، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته توهان 17 سالن ۾ اربين رپيا کائي ويا، پينشن جا به پئسا نٿا ڇڏيو، اسان 17 سالن جو حساب وٺنداسين، 2 سالن کان ميئر جي ڪُرسي تي قابض مرتضيٰ وهاب بيان بازي ڪري ماڻهن جو ڌيان پنهنجي ڪارڪردگيءَ کان هٽائي رهيو آهي. واٽر ٽينڪر مافيا سوين ماڻهو ماري ڇڏيا آهن، حڪمرانن جو هڪ بيان به ناهي آيو. ٽينڪر مافيا منشيات جا عادي ماڻهو آهن، ٻڌايو وڃي ته ڪيتريون  انڪوائريون ٿيون؟ ڪاجاچ ڪميشن جڙي؟ توهان مافياز ۽ اسان مظلومن سان گڏ بيٺل آهيون.ٻئي طرف ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ  هو ته ڪراچي ناڪاري ۽ تعصب جي سياست کي پوئتي ڇڏي چڪو آهي، ماضي ۾ ٻوري بند لاشن جو عروج هو، واپاري اغوا ۽ قتل ٿي ويندا هئا، هڪ ڪال تي شهر بند ٿي ويندو هو، ڊاڪٽر فاروق ستار اڳ جناب ڪري مخاطب ٿيندو هو،  اڄ تون ڪري پيو ڳالهائي. ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گورنر صاحب کي مون تي ڳالهائڻو آهي ته سِڌي ريت ڳالهائي، باقي ترجمانن ذريعي نه ڳالهائي فاروق ستار ڏانهن اشارو ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته گورنر صاحب جي ترجمان منهنجي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي آهي. هن چيو ته  ڪراچي  12 مئي وارو ناهي، اسان سيوريج لائينون بند ڪرڻ وارا نه پر کولڻ وارا آهيون. هن چيو ته گورنر چوي پيو ته جيڪڏهن اختيار کپن ته آئون ڏيندس. پر اسان کي گورنر جي حال جي خبر آهي. هن وڌيڪ چيو ته گورنر هائوس ۾ جيڪي آءِ ٽي جا ڪورس ٿين پيا، انهن جي ڊگري ٻڌائي وڃي ته ڪٿان جي آهي؟ نيو ڪراچي جي نالن تي مصطفيٰ ڪمال 2 هزار دڪان ٺهرايا، وسيم اختر جي دور ۾ ڪي ايم سي ۾ 600 ڀرتيون ڪيون ويون. فاروق ستار ٻڌائي ته وسيم اختر  ميئر وارو  گھر ڪيڏنهن ڪيو؟