ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري جي وڪيل عابد زبيري وقتي گورنر اويس شاهه جي پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڏنل فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، عابد زبيري چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ اسان کي ٻڌڻ بنا درخواست اڪلائي ڇڏي، هن چيو ته اسان جو اهو موقف هو ته وقتي گورنر کي گورنر هائوس ۾ داخل ٿيڻ يا آئيني خدمتن کان ڪنهن به ناهي روڪيو، هن چيو ته گورنر ڪامران ٽسوري ملڪ کان ٻاهر ويل هو، پويان ٽي وي تي گورنر خلاف انٽرويو به ڏنا ويا، اسان وٽ تصويرون ۽ وڊيوز به موجود آهن ته وقتي گورنر اويس شاهه کي گورنر هائوس آمد تي پروٽوڪول سان گڏ رسيو ڪيو ويو آهي، انهي باوجود اويس شاهه گورنر ٽسوري مٿان چاٻي کڻڻ جو الزام مڙهي درخواست داخل ڪرائي، هاءِ ڪورٽ وري اسان کي ٻڌڻ بنا درخواست منظور به ڪري ورتي، انهي کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي بينچ آڏو گورنر آفيس جي تالا بندي خلاف وقتي گورنر اويس قادر شاھه جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، گورنر ڪامران ٽيسوري طرفان سندس وڪيل عابد زبيري پيش ٿيو, عدالت درخواستگذار اويس شاهه جي وڪيل کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويو آهي؟ انهي دوران ڪامران ٽيسوري جي وڪيل عابد زبيري چيو ته وقتي گورنر کي گورنر هائوس کي استعمال ڪرڻ جا مڪمل اختيار ناهن، انهي باوجود کيس اجازت ڏني وئي، عدالت چيو ته عدالتي جي فيصلي تي عمل ڪيو ويو آهي، هاڻي اويس شاهه جي درخواست غير موثر آهي، عدالت وقتي گورنر سيد اويس شاھ جي درخواست اڪلائي ڇڏي, ياد رهي ته وقتي گورنر سيد اويس شاھه گورنر هائوس ۾ محرم الحرام ۾ امن امان بابت اجلاس سڏايو، انهي دوران گورنر جي پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙي گورنر جي آفيس کي تالا هڻي چيو ته چاٻيون گورنر ترڪي کڻي ويو آهي.