ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) گورنر ڪامران ٽسوري سنڌ فنانس بل 2025 ( سنڌ بجيٽ )جي  منظوري ڏئي ڇڏي، جاري ڪيل بيان ۾ گورنر چيو ته انهي بل ۾ موٽر سائيڪل کي لازمي انشورنس کان ڇوٽ ڏني وئي آھي، جڏهن ته انفراسٽرڪچر،  آءِ ٽي ـ تعليم،  صحت ۽ ٻين معاملن ۾ عوام کي رليف ڏنو ويو آھي