ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري گورنر هائوس ۾ آءِ ٽي گيٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو. جڏهن ته گورنر سنڌ گيٽ کان آءِ ٽي مارڪي تائين ويندڙ ٽن ڪلوميٽر روڊ جو پڻ افتتاح ڪيو. افتتاح ڪرڻ کانپوء ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر چيو ته گيٽ آءِ ٽي ڪلاسن لاءِ ايندڙ شاگردن لاءِ ٺاهيو ويو آھي. هن چيو ته صوبي جي ٻارن کي آءِ ٽي ماهر بڻائڻ جو خواب ڏٺو هو اهو پورو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته گورنر هائوس ۾ آئي ٽي يونيورسٽي قائم ڪئي وئي آهي. هتي جھنگ هوندو هو جتي يونيورسٽي قائم ڪئي آھي، جڏهن ته آء ٽي جا ڪورس مڪمل طور تي مفت ڪريا پيا وڃن.  پاڪستان ۾ ان کان وڏي ڪا ڪمپيوٽر ليب ناهي. گورنر چيو ته ڪراچي جي عوام لاءِ گورنر هائوس ۾ افطار جو انتظام ڪيو ويو آهي. مون پنهنجي عهدي جي ذميواري پوري ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آھي.