ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گورنرز ڪانفرنس سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهڙو فيصلو سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري، پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان ۽ ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي وچ ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو ويو، گورنر ڪامران ٽيسوري 7 جنوري تي گورنرز ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو،ڪانفرنس ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي، بين الصوبائي اتحاد ۽ وفدن جي مٽاسٽا تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. عوام لاءِ فلاحي قدمن تي به صلاح مشورا ڪيا ويندا، جڏهن ته ملڪ جا سماجي ۽ معاشي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گورنرن جي ڪردار تي صلاح مشورا ٿيندا.