نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر محمد شامي کي اي ميل ذريعي موت جي ڌمڪي ملي آهي، جڏهن ته هڪ ڪروڙ رپين جي تاوان جو مطالبو به ڪيو ويو آهي. محمد شامي جي ڀاءُ حسيب احمد اتر پرديش جي امروها ضلعي جي سائبر ڪرائم پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي، جنهن موجب “راجپوت سندر” نالي هڪ شخص کان هڪ اي ميل ملي هئي جنهن ۾ شامي کي موت جي ڌمڪي ڏني وئي هئي ۽ هڪ ڪروڙ رپين جي تاوان جي طلب ڪئي وئي هئي. اي ميل ۾ “پرڀاڪر” نالي هڪ شخص جو به ذڪر آهي، جنهن جي اڃا تائين سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سائبر سيل ۽ ڪرائم برانچ کي شامل ڪيو ويو آهي. اي ميل جو هڪ پرنٽ آئوٽ پوليس کي ثبوت طور فراهم ڪيو ويو آهي. شامي جي حفاظت لاءِ اضافي قدم کنيا پيا وڃن. هي واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي جڏهن محمد شامي آءِ پي ايل 2025 ۾ سن رائزرز حيدرآباد جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. ان کان اڳ ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير کي به اي ميل ذريعي موت جون ڌمڪيون مليون هيون.