اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي ملڪن لاءِ فيري (ٻيڙي) سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي سامونڊي معاملن واري وزارت طرفان گوادر جي بندرگاهه تي نيون شپنگ لائنون قائم ڪرڻ ۽ نار سهڪارڪائونسل جي ملڪن لاءِ فيري سروس متعارف ڪرائڻ لاءِ هڪ گڏيل منصوبي جو اعلان ڪيو ويو. سامونڊي معاملن بابت وزير جنيد انوار چوڌري جي صدارت هيٺ اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته ان فيصلي جو بنيادي مقصد علائقائي رابطن کي هٿي ڏيڻ آهي، اهو قدم پاڪستان جي سامونڊي واپار کي وڌائڻ ۽ گوادر کي عربي سمنڊ ۾ هڪ وڏي ٽرانس شپمينٽ ۽ لاجسٽڪ مرڪز طور ترقي ڏيڻ جي حڪمت عملي جو به حصو آهي.
هن چيو ته فيري سروس سان سامونڊي سفر آسان ۽ سستو ٿي ويندو ۽ گڏوگڏ نار ملڪن سان عوامي رابطا به مضبوط ٿيندا، بلوچستان ۾ روزگار ۽ سيڙپڪاري وڌندي ۽ نئين شپنگ لائنز سان بندرگاهن تي دٻاءُ گهٽجندو. سندس چوڻ هو ته ميري ٽائم شعبي ۾ ترقي قومي معيشت کي هٿي ڏيندي، جڏهن ته سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي لاءِ به قدم جاري آهن.