گوادر حق ڏيو تحريڪ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان جي ضمانت منظور

0
205

سپريم ڪورٽ گوادر حق ڏيو تحريڪ جي سربراهه مولانا هدايت الرحمان جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي هلائي

عدالت مولانا هدايت الرحمان جي 3 لک رپين مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي

 جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ مولانا هدايت الرحمان نومبر 2021ع ۾ گوادر کي حق ڏيو تحريڪ هلائي ملڪ گير شهرت ماڻي

گوادر ۾ 32 ڏينهن تائين لاڳيتا ڌرڻا هڻڻ بعد بلوچستان سرڪار سندن مطالبا تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو