ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان حڪومت گوادر جي ڌرڻي ۾ پرڏيهي هٿ ملوث هجڻ جو شڪ ظاهر ڪيو آهي. بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گوادر ۾ لڳل ڌرڻي ۾ موجود ماڻهن وٽ هٿيار هئا ۽ اهو حساس هنڌ تي لڳايو ويو هو. هن چيو ته حالتون خراب ڪرڻ ۾ پرڏيهي مداخلت جو جائزو وٺي رهيا آهيون.