“ماسي جي ڳالهين ۾ مرڳو وڏيريءَ جو وڳو کاري نه وجهين.” رفعت ماسي ڀنڀيءَ جي اڳيان چانهه جو ڪوپ رکندي چيو.
ان مهل وري وڏيري حور جي موڪليل ڇوڪري وڳي لاءِ اچي نڪتي. جنهن کي حليمه چيو، “ ننڍڙي، تون رڳو ڏهه پندرهن منٽ ذڪيه سان وڃي ويهه ته توکي وڳو ڏيان ٿي.”
“امان، ڪيئن نه تڪڙ لاتي آهي مائيءَ. ريل ٿي ڇٽيس ڇا؟ تون به کڻي باهه ڏئينس ها. سمجهن پنهنجو به ڪونه. تون وري پئي سندس وڳو سِبين.” ماسي ڀنڀيءَ چانهه جي ڪوپ مان سُرڪ ڀريندي چيو.
“ ماسي اها سندن مرضي. مون کي ته وڳي سان گڏ پئسا به پهرين موڪليا اٿس. ۽ سدائين ويچاري وڌيڪ ئي پئسا موڪليندي آهي. ٻيو ماسي، مان پورهيت، جيڪو سبرائيندو، ان کي سِبي ڏينديس نه…” حليمه رفعت کان چانهه جو ڪوپ وٺندي چيو.
“ تون به سچي امڙ! پر ماڻهو اهڙو به نرلڄو نه ٿئي، جو پنهنجن کي ئي نه سڃاڻي. ڌوڙ پيو پائيندو اهو ڌن، اها دولت، اهو سون، اهي مُيون ڪاريون ، بنگلا ۽ ماڙيون. امڙ ڪفن به يانصيب!” ماسيءَ چانهه جي ڪوپ مان آخري سرڪ ڀري، ان کي ڀريان رکندي چيو.“ اَئي امان! ڏس منهنجا به انصاف. آئي هيس توکان ٽي هزار اُڌارا وٺڻ لاءِ. نبن وڃي ٿو شهر. گهر ۾ ڪجهه به ڪونهي. پوءِ بينظير وارا پئسا ملن ته اکين سان ڏئي وينديس.”
“ کوڙ پئسا ماسي.” ائين چئي حليمه وڳو سئي هيٺان ڪڍيو. اهو هاڻي تقريباَ سبجي چڪو هو. پوءِ اٿي اندر وئي ۽ ٽي هزار آڻي ماسي ڀنڀيءَ کي ڏنائين.
ان مهل هلڪو مينهن وري شروع ٿي ويو ته ماسي به اهو چوندي اٿي، “امڙ! الله خوش ڪندئي. ان کان اڳ جو مُئو مينهن تيز ٿي وڃي، مان وڃان ٿي. نبن اڃا شهر ويندو.” پوءِ هُوءَ رفعت، حليمه ۽ ماستر يوسف کان موڪلائي سهڪندي گهر هلي وئي.
ماسي ڀنڀيءَ جي واتان ڳالهيون ٻڌڻ بعد، يوسف، جيڪو هاڻي ناول ۾ گم ٿي ويو هو. اهو چانهه مان آهستي آهستي سپ ڀريندي هاڻي ڄڻ اجهامي ويو هو. کيس سمجهه ۾ اچي ويو، اهو ڏک يا ان ڏک جي اداسائي، جيڪا سمجهندي به سمجهي نه رهيو هو. هن کي دراصل اهو ئي ڏک هو، ته اڄ ڳوٺ مان هڪڙي ٻي سهڻي، سدوري، نماڻي ۽ پياري ڇوڪري پرڻجي، ٻئي پاسي يا ٻئي ملڪ وڃي رهي هئي. ۽ اها ڇوڪري، جنهن جو نالو فريحه هو، ۽ هوکيس سدائين ننڍڙي ئي سڏيندو هو. اها ڳوٺ جي ٻين ڪيترين ئي ڇوڪرين جيان سندس شاگردياڻي هئي، تڏهن ڳوٺ ۾ ڇوڪرين لاءِ اڃا الڳ گرلس اسڪول نه ٺهيو هو. ۽ کيس فريحه سان ان ڪري به وڌيڪ اُنسيت هئي، جو اها نه رڳو سندس مري ويل ڌيءُ صائمه جي ڪلاس فيلو هئي، پر سهيلي به هئي، ان ڪري اها کيس هميشه پنهنجي ڌيءُ جيان لڳندي هئي، پر اها سندس ڪجهه به نه هجي ها، تڏهن به کيس ايڏو ئي ڏک ٿئي ها، ڇو جو هو ان ڏک جو ذائقو ماڻي چڪو هو ته هڪڙي ڇوڪري، جڏهن ٻئي پاسي پرڻجي وڃي ٿي ته ان سان گڏ، ان جون ننڍپڻ، حسين يادون، رانديون، مرڪون ۽ سڀ ڪجهه به ڄڻ پرڻجي هليو ويندو آهي. ۽ پوءِ جنهن ڳوٺ ۾ پلبي آهي، نپبي آهي، سهيلن سان گڏ گُڏين راند ڪندي آهي، خواب ڏسندي وڏي ٿيندي آهي، وونئڻ چونڊيندي آهي، لوڏون ٻڌي لڏندي آهي، ماءُ پيءُ، ڏاڏي ڏاڏيءَ، ناني نانيءَ، چاچن، چاچين، مامن، مامين ۽ وڏين ڀينرن ۽ ڀائرن سان ناز ڪندي آهي، مور جا رقص ڏسندي آهي، پکين لاءِ پاڻي ڀريندي آهي، مال کي گاهه ڏيندي آهي، پنهنجي ناليري ٿيل ڪنهن وڇ يا ڪنهن ڇيلي ۽ ڇيلڙيءَ کي تاتيندي آهي، جهرڪين کي آکيرا ٺاهيندي ڏسندي آهي، صبحن ۽ شامن کي پنهنجي من ۾ اڀرندي ۽ لهندي ڏسندي آهي، ۽ جتي جي بارشن کان وٺي ڪاڙهن سان به سندس هڪ خاص لڳاءُ ٿي ويندو آهي، اتان موڪلائڻ وارن لمحن ۾ هوءَ جُهري ٽڪرن ۾ ورهائجي پوندي آهي. پوءِ ڀلي کڻي پنهنجي خوشيءَ سان ئي ڇونه پرڻجي ويندي هجي، پر دل سندس اتي ئي ڪٿي رهجي ويندي آهي.
يوسف، اهو درد سدائين روح سان محسوس ڪندو رهندو هو.هن جون ٽي سؤٽ ڇوڪريون، جن سان گڏ هن ننڍي هوندي رانديون ڪيون، مستيون ۽ شرارتون ڪيون، رٺو ۽ پرچيو، وڙهيو ۽ انهن جا رانڀوٽا به چهري ۽ سيني تي سٺائين. کيس ياد هو، اهي جڏهن پرڻجي وڃي رهيون هيون، تڏهن هن کي لڳو هو، اهي پنهنجي ننڍپڻ سان گڏ سندس ننڍپڻ، حسين يادون، مرڪون ۽ شرارتون به کڻي وڃي رهيون آهن. ۽ انهن جون لڌل لائون، دراصل هڪ مستقل ڏک ۽ وڇوڙي سان لائون هيون. هو بيشڪ! ڳاڙهن وڳن ۾ پياريون ۽ نياريون لڳي رهيون هيون، پرسندن ڳوڙها، سڏڪا، ڳل ڳراٽيون، وڏيون ميارون هيون الائي ڪنهن ڪنهن کي… ۽ آلين سان پنهنجن سڀني کي چئي رهيون هيون: هاڻي وري قيامت ۾ ملبو!
هو هاڻي ڪيڏي نه هڪ پيڙا ۽ ڏک محسوس ڪرڻ لڳو، ان حسين موسم ۾!
هو ڪيئن ٿي ان ڳالهه جي احساس کي دٻائي سگهيو ته، اڄ ننڍڙي فريحه ڪنهن ٻئي ڳوٺ يا ڪنهن ٻئي شهر۾ يا ملڪ جي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ نه، پر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پرڻجي وڃي رهي هئي، جنهن ۾ هن کي سدائين پنهنجي ڌيءُ صائمه نظر ايندي هئي. هن کي ياد هو ته ننڍڙي فريحه، صائمه جي کٽ کڻڻ مهل، ان جي ميت مٿان ائين روئي رهي هئي، ڄڻ اها سندس سڳي ڀيڻ هئي. ان بعد هُوءَ جڏهن ساڻن ملي آئي هئي ته ڪيئن نه اچي سندس سيني سان لڳي صائمه لاءِ رُني هئي ۽ هن کي به روئاڙيو هئائين. هو ڪيئن ٿي وساري سگهيو اهي لمحا؟ ان ڏينهن کان ئي ته هو صائمه کي پنهنجي ڌيءُ ئي سمجهندو هو. اها ٻي ڳالهه هئي ته هو رشتي ۾ نه سندس مامو ٿيو ٿي، نه وري چاچو يا ٻيو ڪو عزيز. استاد برابر هو، پر جي استاد کي ايڏو مان هجي ها، ته هن يا هن جي گهروارن کي، ان خوشيءَ جي موقعي تي ضرور ياد ڪيو وڃي ها.
سندس دل ڪيئن نه چئي رهي هئي ته هو ننڍڙي فريحه کي ڪنوار جي ڳاڙهي وڳي ۾ ڏسي. کيس مٿي تي هٿ ڪري دعائون ڏئي. ٻيو ان لاءِ، ان ڪري به وڌيڪ ڏک ۽ همدردي ڪري رهيو هو، جو اڃا ٻه سال پهرين ئي سندس ماءُ مديحه، جنهن کي سڄي ڳوٺ وارا ڀلي مائي هجڻ ڪري، پيار مان ادي راڻي سڏيندا هئا، اها گذاري وئي هئي. هن کي بار بار اهو احساس ٿي رهيو هو ته اڄ ننڍڙي فريحه کي پنهنجي پياري ماءُ ڪيڏو نه ياد ايندي هوندي…!
هونئن ته کيس ننڍڙي فريحه جو، ان ڏينهن کان ئي وٺي ڏک هو، جنهن ڏينهن ٻڌو هئائين، ته سندس پيءُ وڏيري قائم، سندس رشتو، سعودي عرب ۾ سندن پراڻن تعلق وارن کي ڏنو آهي، ۽ ڇوڪرو اتي هڪ ڪمپيوٽر انجنيئر آهي. پر اڄ ان وقت کيس ڏک نه پر ڄڻ صدمو پهتو، جڏهن ساٿي استاد ساجن پڇيس:“ سائين توهان کي سانجهي وڏيري قائم وارن نياڻپي جو سڏ ڏنو آهي.”
“نه…” هن نارمل ٿي جواب ڏنو، پر هو سمجهي ويو ته، پڪ سندس ساٿي استاد کي دعوت آهي، پر کين نه. ۽ ماستر ساجن، اهوئي کيس شايد احساس ڏيارڻ ٿي چاهيو ته اسان توهان کان وڌيڪ وڏيرن کي ويجها ۽ پنهنجا آهيون.
“هُن شايد چونڊ ماڻهن کي ڏني آهي.” هُنَ پوءِ هِنَ جي پڇڻ جي بنا ئي جواب ڏنو:“ مون کي به سڏ آهي. شايد توهان کانئن وسري ويا.”
هو ڪونه ڪڇيو، پرکيس دل تي ڏاڍي چوٽ لڳي.
کيس لڳو، اڄ ننڍڙي فريحه جي، نه پر صائمه جي شادي آهي، ۽ حيرت آهي هڪ پيءُ کي پنهنجي ڌيءُ جي شادي جي دعوت ناهي! اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ سندس هڪ دل ائين به چيو، ٿي سگهي ٿو کين کيس دعوت ڏيڻ وسري وئي هجي، پر هي يا ٻيو ڪير به، ڪنهن کي ڪيئن ٿو چئي يا يادگيرو ڏياري سگهيو ته کيس شادي جي دعوت ڇو ناهي ڏني وئي؟ ۽ هن کي اها ڳالهه به اداس ڪري رهي هئي، ته هو هاڻي پنهنجي مرحومه ڌيءُ جي ساهيڙيءَ کي شايد ڪڏهن ڏسي نه سگهندو بلڪل صائمه جيان!
۽ پوءِ بي اختيار سندس دل مان فريحه لاءِ دعا نڪري وئي!
هن کي وري ياد آيو، ويهه سال اڳ، جڏهن سندس سڳيون ٽي سؤٽِون چاچس، هتي پنهنجن ۾ رشتا نه ٿيڻ ڪري، ڪاوڙ ۾ اچي، ٻي راڄ ۾ ڌارين ۾ پرڻائي ڇڏيون هيون، ته انهن کي هن وري ڪڏهن نه ڏٺو هو. مُئي ۽ جيئري تي به نه. هو ڪنهن کي به نه ٻڌائيندو هو، رڳو کيس ئي خبرهوندي هئي، ته انهن جو ڏک اندر ئي اندر ۾ کيس اڏوهيءَ جيان کائي رهيو هوندو هو! هو اڄ به ڪنهن به ننڍي وڏي ڏينهن تي پنهنجن انهن ڪونجن جهڙين سؤٽن جي ڪمي محسوس ڪندو رهندو هو. هڪ وڏي ڀاءُ جيان… هڪ پيءُ جيان.!
هِنَ انهن جي سندن گهر يا ڳوٺ ۾ ڪٿي به نه اچڻ بابت پڇا ڪئي، ته خبر پيس ته سندن گهر وارا سخت مذهبي قسم جا ماڻهو آهن. اهي کين ماءُ پي جي گهر کان سواءِ، ٻئي ڪنهن جي به گهر وڃڻ جي اجازت نٿا ڏين؟ سؤٽن ۽ ماساتن جي گهر به نه! تڏهن پهريون ڀيرو هن کي احساس ٿيو، سندس ڀينرن جهڙيون سؤٽون، ٻي برادري ۾ شادي ٿيڻ بعد هاڻي گهٽ ۾ گهٽ کانئن هميشه لاءِ ڌاريون ٿي چڪيون هيون. نه هاڻي وٽن اينديون هيون، نه ئي هي ڪو وٽن ويندا هئا. ان جو اهو به ثبوت هو، ته جڏهن سندس پيءُ گذاري ويو، پوءِ وري ماءُ گذاري وئي، تڏهن به اهي نه آيون. خاص ڪري ماءُ ڀيري ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، ڇو جو اهي ٽئي سؤٽون، سندس امڙ کي دل وجان سان ڀائينديون هيون.
ان بعد ڪيترائي ڀيرا سندس دل چاهيو، هو پاڻ ئي پنهنجن سؤٽن سان ملڻ هليو وڃي، پر سندن گهروارن جو سوچيندي ئي سدائين ارادو ترڪ ڪري ڇڏيندو هو، ڇو جو اهي کيس شهر ۾ هڪ ٻه ڀيرا مليا، ته هن کين پنهنجي باقاعدي ڀيڻائي طور پروٽوڪول ڏئي، سندن عزت ڪئي. پر انهن وٽان کيس اها پنهنجائپ ۽ گرمجوشي محسوس نه ٿي، ته اڳتي هن پاڻ به پنهنجا پير روڪي ڇڏيا. ان جي باوجود به هن هڪ ڀيري حليمه کي وٽن وڃڻ لاءِ چيو، پر ان وراڻيو،“ ادا، جي سندن مڙس کين پنهنجن مائٽن ۾ ننڍي وڏي ڏينهن اچڻ کان به روڪين ٿا، ته پوءِ اسان ڇو وڃون؟ ان ۾ بيشڪ ويچارين نياڻين جو ڏوهه ڪونهي، پر اسان به پنهنجن جون قبرون لتاڙي وٽن ڪيئن وڃون؟ ان بعد ئي هو سدائين اهو سوچيندو هو ته پنهنجن نياڻن کي ڪٿي پري هرگز نه پرڻائڻ گهرجي، نه ته پوءِ ائين دوريون ٿي وينديون. ۽ پوءِ هڪ هڪ رشتو ٿي سڀ معصوم رشتا مري ويندا ۽ هميشه لاءِ اجنبيت جي هڪ وڏي ڀت کڙي ٿي ويندي وچ ۾!
(حصو ٽيون)