گهڙي پل جي بارش جو ڏک! … انورڪاڪا

0
24

حقيقت ته اها سڄي ڳوٺ جا مرد توڙي مايون کيس وڏڙي هئڻ ڪري ڀائيندا هئا، ۽ ڪٿي ٻه ڏينهن نه ويندي هئي، ته خاص ڪري مايون پاڻ ۾ پيون چونديون هيون: ماسي مُئي الائي ڇونه آئي آهي؟ الائي وري سَهِڪو ته نه وڌي ويو اٿس؟ مردن کي وري ان ڪري به وڻندي هئي، جو کين سدائين پئي سندن امڙين، ڏاڏين، نانين ۽ ٻين وڏن ۽ وڏڙين جا قصا ٻڌائيندي هئي. ڳوٺ وارن کي ماسي ڀنڀيءَ جي ٻي اها ڳالهه به ڏاڍي وڻندي هئي، ته پاڻ روز صبح جو ڏهن ويهن روپين جا کٽمٺڙا وٺي پنهنجي گَهگهي جي کيسي ۾ يا پوتيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيندي هئي. پوءِ جنهن گهر ۾ ويندي هئي، کيس ٻارڙن کي سڏڻ جي ضرورت ئي نه پوندي هئي. اهي پاڻ ئي اچي سندس پاسو وٺندا هئا ۽ هوءَ صدقو چئي، کين هڪ هڪ کٽمٺڙو ڏئي ڇڏيندي هئي. باقي ماين کي ته ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان سدائين پئي دڙڪا ڏيندي هئي. خاص ڪري، جي ڪنهن جو دِلو يا مَٽُ خالي ڏٺائين ته کين ڏمرجي چوندي هئي،“ مائي! اها نڀاڳ جي نشاني اٿئي! ان ڪري کيس ڏسندي ئي گهر ڌياڻين جو پهريون خيال پنهنجن دِلن يا مَٽن ڏي هليو ويندو هو، ته ڀريل آهن يا خالي؟ ۽ خدا ڪري ڀريل ئي هجن، نه ته ماسي ٻڌائيندي ست سُريون… پر ماين کي ان دڙڪا کائڻ ۾ به هڪ عجيب سرور، خوشي ۽ پنهنجائپ جو احساس ٿيندو هو. ماسي ڪنهن کي پنهنجي ماسي، ڪنهن کي پڦي، ڪنهن کي ناني، ڪنهن کي ڏاڏي ته ڪنهن کي وري پنهنجي سس جيان ئي لڳندي هئي. سچ ته اها کين هر روپ ۾ قبول هئي!

ماسي پوءِ ويهندي ئي کڻندي هئي سڄي زماني جا قصا. ڳوٺ جي مردن توڙي عورتن جون نيون توڙي پراڻيون ڳالهيون. پراڻي دؤر جي حيا اخلاق ۽ لحاظ جون ڳالهيون، مان مريادا جون ڳالهيون، سادگيءَ ۽ شرافت جون ڳالهيون، برداشت ۽ درگذرڪرڻ جون ڳالهيون. پوءِ ڦري سري ايندي هئي هن دؤر جي ماين مردن جي ڳالهين تي، سندن فيشن تي، سندن اٿڻ ويهڻ تي ۽ سندن نالائقين ۽ چالاڪين تي. پوءِ ته نالا کڻي چوندي هئي، فلاڻو هيئن پيو ڪري، فلاڻي هيئن پئي ڪري، ان دوران ڪنهن جي مجال، جو ڪو کيس ائين چئي ته ماسي هاڻي ڇڏ کڻي پرايون ڳالهيون…

ڪنهن زماني ۾ ڳوٺ جا ڇوڪرا کيس بي بي سي لنڊن سڏيند اهئا، ۽ هينئر جا ڇوڪرا وري جيڪي سندس کٽمٺا کائي وڏا ٿيا هئا، ساڻس بيحد پياربه ڪندا هئا. اهي وري کيس ڳوٺ جي سوشل ميڊيا سڏيندا هئا. ماسي، جيڪا بي بي سي لنڊن تي چڙندي هئي، ان کي جي سوشل ميڊيا جي مطلب جي خبر هجي ها، ته ڇوڪرن جا چڏا چيري ڇڏي هئا.

ماسي ڀنڀيءَ جي عمر پنجهتر سالن کان مٿي هئي، پر اڃا تائين ڀڙ لڳي پئي هئي. نه ٻوڙي ٿي هئي، نه وري سندس ڪا نظر جهڪي ٿي هئي. کيس رڳو هڪ ئي دم جي تڪليف هئي. جنهن لاءِ به سندس چوڻ هو، ته اهو کيس سندس نڻان جي تعويذن جي ڪري ٿيو هو، جنهن کيس تعويذ ان ڪري پياريا هئا، جو هيءَ کانئس هر ڪم ۾ جهانجهري هوندي هئي. ڪلاڪ جو ڪم ڏهن منٽن ۾ ڪري ڇڏيندي هئي، ۽ هوءَ وري ڏهن منٽن جي ڪم ۾ به ڪلاڪ َلڳائي ڇڏيندي هئي، جنهن  تي ان کي ساڙ  ٿيو،  سو ساڻس اهو ڊوهه ڪيائين.

ماستر يوسف به ماسي ڀنڀيءَ جي سڀني خوبين خامين کان واقف هو، ۽ کيس دل سان ڀائيندو هو، ان مان کيس سدائين پنهنجي ماءُ جي خوشبوءِ ايندي هئي. هينئر به آئي ته  هميشه جيان  ئي اٿي سڪ سان مليو هئس، ڄڻ سندس ماءُ جو سايو  هلي آيو هو سندن اڱڻ تي. ۽ پوءِ ايستائين بيٺو رهيو، جيستائين ماسي کيس پاڻ نه چيو ته “ اڙي! منهنجا ٻچا ويهه… ويهه… بابا!… مان صدقو  ٿيان … پنهنجي بابا تان!”

“ ماسي هتي ڪرسي تي ويهه نه…” ماستر يوسف کيس پنهنجي ڀريان ويهڻ لاءِ چيو.

“ اي ابا!… هاڻي منهنجي عمر به آهي ڪرسين تي ويهڻ جهڙي!؟ تون ماٺ ڪري ويهه… مان ڌيءُ حليمه جي ڀريان ئي هيٺ رليءَ تي ٿي ويهان. پوءِ حليمه جي ڀريان هيٺ ويهي رهي. زوهيب به پينگهي مان لهي اچي ساڻس مليو ۽ سندس دعا به ماڻيائين.

ايتري ۾ ننڍڙي ذڪيه به ڊوڙي اچي سندس پاسو ورتو، جنهن کي ماسي “صدقو پنهنجي ڌيءُ تان!”  چئي کڻي پنهنجي هنج ۾ ويهاريو. پراڄ کيس ٽافي ڏيڻ لاءِ هڪ عجيب شرط رکيائين، ته اها کيس پهرين ڳل تي چمي ڏئي پوءِ. پر ذڪيه مرڪي، الائي ڇو شرمائي نه… نه ڪئي، ته پوءِ ماسيءَ ئي  کڻي هار مڃي، کيس ٽافي ڏني.

ماستر يوسف کي اهو منظر به ڏاڍو معصوم ۽ حسين لڳو. ۽ الائي ڇو دل ئي دل ۾ ماسي ڀنڀيءَ جي وڏي عمرلاءِ دعا گهريائين. شايد کيس احساس ٿي رهيو هو، ته سڀني وڏڙين عورتن مان وڃي، اها اڪيلي ئي بچي هئي، جيڪا هن ۽ ٻين سڀني کي ڳوٺ جي وڏن جون ۽ ماضيءَ جون ٻيون به الائي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ٻڌائيندي رهندي هئي. جن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماسيءَ پاران  پنهنجا ملايل ڪجهه مرچ مصالحا به شامل هوندا هئا. پر هڪ شيءِ شدت سان محسوس ڪبي هئي، ته انهن ۾ پنهنجن سڀني وڏن لاءِ هڪ سڪ ۽ تڙپ هوندي هئي، ڳوڙها ۽ ٿڌا ٿڌا ساهه هوندا هئا سندس ٻڌايل هر ڳالهه ۾. سادگي، شرافت ۽ محبت به لياڪا پئي پائيندي هئي انهن ڳالهين مان.

“ماسي چاق آهين. ٻن ڏينهن کان پوءِ آئي آهين. خير ته هو؟ ” حليمه کانئس پڇيو.

“ ها! امڙ… ٺيڪ هيس. پر بچي شل ٻچڙي نبن کي بخارهو، سو گهر ويٺي هيس. اڄ ڪنڌ کنيو اٿس ته نڪري پئي آهيان. پر رفي ڌيءُ ڳالهه ته ٻڌ… مايون! توهان کي به اسان غريبن وانگر وڏيرن جو سڏ ڪونهي ڇا؟ ۽ ڏسو مايون توبهن!… قيامت جون نشانيون آهن، وڏيري نواز جي پوٽي به ملڪيت ڏسي، سعوديءَ ۾ الائي ڪهڙن مُئن ڌارين کي پيا پرڻائين، هونئن ته پاڙي کان ٻاهر ڏيڻ به پاڻ لاءِ گار سمجهنداهئا! ۽ سدائين پيا اڌ اڇي مٿي واريون ڇورن کي ڏيندا هئا، پر هاڻي دولت جي چمڪ ڏسي، ويچاري معصوم نياڻيءَ جو بُنڊ پيا رُلائين… ” ماسيءَ انتهائي جذباتي انداز ۾  پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو:“ اَئي امان! چون ٿا ڇوڪرو، سڪيلڌي فريحه کان نه رڳو عمر ۾ وڏو آهي، پر شڪل شبيهه ۾  به ڪو  موچارو ڪونهي، نه ئي قد بت ۽ رنگ ۾ ڪو ڏسڻ جهڙو آهي. ۽ هيڏانهن هي ٻچڙي جهڙي گلاب جو گل!

ماستر يوسف نوٽ ڪيو ته هوءَ ڪاوڙ ۾ هوندي به ننڍڙي فريحه کي پنهنجي ٻچڙي ۽ سڪيلڌي سڏي رهي هئي. هو پاڻ به فريحه کي پاڻ وٽ اسڪول ۾ پڙهڻ کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين ننڍڙي ئي سڏيندو هو، حالانڪ کيس ڏسندي سال ٿي ويا هئس. آخري ڀيرو کيس پنج سال پهرين پنهنجي ڌيءُ صائمه جي موت تي، جيڪا سندس ڪلاس فيلو هئي ۽ دل جي تڪليف سبب لاڏاڻو ڪري وئي هئي، ان جي ميت تي روئندي ڏٺو هئائين. صائمه ئي سندس ڳوٺ ۾ سڀ کان بيسٽ ساهيڙي هئي.

“ماسي، چون ٿا، وڏيري وڏي نواز مرحوم جا قرب وارا آهن. وڏيرو سعودي ويندوهو ته وٽن ئي رهندو هو.” حليمه، مشين هلائيندي ئي کيس جواب ڏنو.

“اَئي امان! مئن جا رڳو ڪوڙ… ائين نٿا چون ته پاڻ امير هوندي به دولت تي اچي مئا آهن. چون پيا، ان مئي پڻس وڏيري قائم زوري ها ڪرائي اٿس، ته باٿياهيون ڪندينءَ، ٻاهريان ملڪ پئي گُهمندينءَ، جهازن ۾ پئي چڙهندينءَ. حج عمرا پئي ڪندينءَ، نوڪر چاڪر هوندئي. سونَ ۾ به سدائين ڳاڙهي هوندينءَ.” ماسي پوءِ ڪاوڙ مان چيو “ امان! باهه ڏجي اهڙي مُئي سون کي، اهڙي سک کي، جيڪو ٻچن کي ئي اکين کان پري ڪري ڇڏي. ڪو پنهنجو مٽ عزيز مري ته نياڻيءَ کي منهن به نصيب نه ٿئي.”

“ نه ماسي اهڙي ڳالهه ته نه آهي.” حليمه،  وات سان چولي جو هڪ سڳو پٽيندي چيو.

“اَئي امان هاڻي ٺهيو… ٺهيو… ڪٿي ٿي ڪنهن جي ڪا ڳالهه لڪي. هر ڪنهن جي وات تي اها ئي ڳالهه آهي.” ماسي، ان مهل رفعت کان چانهه جو ڪوپ وٺندي پنهنجي رام ڪهاڻي جاري رکندي چيو“ مائي، پر انصاف ته ڏسو، ڳوٺ ۾ نياڻپي جو سڏ ئي چند ڌرين کي ڏنو اٿن. ويچاري وڏيري ڄامزادي وئي مري. ڳڻ واري جوءِ هئي اها. هاڻي آهي اها مٿي ڦريل وڏيري حُور راڄ راڻي، سو پئي پنهنجون مرضيون هلائي. ڀلا غمي هجي يا خوشي، ڳوٺ کي به ڪو وساربو آهي ڇا امان!؟. پاڻ ته ڳوٺ جا وڏا آهن. ۽ پاڻ ٿيون حقيقت ۾ سندن ٻچا. پر حيا ويو آهي موڪلائي. بس مائي! سڀ قيامت جون نشانيون آهن…”

“ ماسي،  بس… رڳو پنهنجن ويجهن عزيزن کي سڏيو اٿن. ڳوٺ ۾ پاڻ سميت الائي ڪيترن کي سڏ نه ڏنو اٿن…” حليمه  ائين چيو، ڄڻ هوءَ ان ڳالهه کي هاڻ کٽائڻ چاهيندي هجي.

“ڇو امڙ پاڻ ڳوٺ جا ناهيون ڇا؟ کڻي سندن رت ۾ ناهيون يا ٻي ذات جا آهيون ته ڇا ٿي پيو؟ ستن پيڙهين کان وٺي هن ڳوٺ جا آهيون. مئي جيئري گڏ آهيون. ڏک سک ۾ به گڏ… بس امڙ ويچارا وڏا ويا هليا، هاڻي آهن سڀ اکين پور. نه ته وڏيرن جا سڀ ٻار مون ئي ڄڻايا. سڪيلڌي ڪنوار به مون ئي ته ڄڻائي هئي. چون پيا،  مُئا ڪنوار کي به شهر ۾ وٺي ويندا، ۽ اتان ئي اتان پرڻائي، جهاج ۾ چاڙهي ڇڏيندا. خبر ناهي ڪيڏيءَ مهل نڪرندا؟ چوان پئي ته هوند وڃي سڪيلڌيءَ جو منهن ڏسي اچان. حياتي الائي ڪيتري؟” ماسي ڀنڀيءَ پوءِ ٿيلهيءَ ۾ پريان پيل ڪپڙا گوڏي هيٺان ڏيندي چيو: “امان اهي مُيون ڊاڪٽرياڻيون نه اچن ها ته هينئر به وڏيريون ڦاٽن ها ته مان ئي ڄڻايان ها يا ٻيو ڪو؟  ماسي ڀنڀيءَ، ماستر يوسف جو به خيال نه ڪندي ڪاوڙ ۾ جيڪو وات ۾ اچي رهيو هئس، سو چئي رهي هئي.

“ بروبر ماسي! پر زمانو مٽجي ويوآهي. هاڻي هر ڪنهن جي مرضي. پر چون پيا، هينئر شام جو نڪري ويندا پنهنجي شهر واري گهر. تڏهن ته ماسي حور هٿئون هٿ هي وڳو سبرائي رهي آهي ۽ اجهو ٻار موڪليائين. مان به سڀ ڪم ڇڏي سندس وڳي کي لڳي پئي آهيان.”

“اَئي مائي… ٻڏيو به نٿي مري، اڇي مٿي ۾ به ٿي نوان وڳا پائي، ۽ هارسينگار ڪري؟ پر مُئن جو اهو ڀت ٿيندو ڪٿي؟” ماسي ڀنڀيءَ جي وڏيري حور تي ڪاوڙ  اصل لهي ئي نه رهي هئي.

حليمه کل کي روڪيندي چيو“ ماسي ويچاري وڳو ئي ته سبرائي پئي. ڪهڙا ٿي هارسينگار ڪري. باقي شادي ته  شهر ۾ شادي هال ۾ ئي ڪندا. ۽ ماسي سٺو ٿيو، جو پاڻ دعوت نه ڏنائون، نه ته پاڻ مايون يا ڳوٺ جا ويچارا ڀائي ڪٿي پيا رات جو شهر ۾ رلون ها.” حليمه ماسيءَ ڀنڀيءَ سان ڳالهيون ته ڪري رهي هئي، پر سندس سڄو ڌيان وڏيري حُور جي وڳي تي هو.

 (حصو ٻيو)