اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري قانون تي عمل نه ٿيڻ جو انڪشاف، صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاران معاملو قومي اسيمبلي ڏانهن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر گهٽ ۾ گهٽ اجرت واري قانون تي عمل نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪندو، قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ ان معاملي تي ڊگهو بحث ٿيو، ميمبرز پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو. قومي اسيمبلي جي ميمبر آغا رفيع الله معاملو ڪاميٽي ۾ اٿاريو، ڪاميٽي پاران چيو ويو ته ملڪ ۾ ٺيڪيداري نظام آهي، جنهن کي جيئڻ وڻي ڪري ٿو، ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون کان وٺي هر اداري ۾ مقرر ڪيل اجرت نٿي ڏني وڃي. هر اداري ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو قانون لاڳو ڪيو وڃي، ڪاميٽي جي اجلاس ۾ آغا رفيع الله ۽ سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار وچ ۾ تلخ جملن جي ڏي وٺ ٿي، چيئرمين ڪاميٽي چيو ته اسان وٽ اختيار ضرور آهن، پر هي معاملو ڪنهن هڪ اداري جو نه پر سڄي ملڪ جو آهي، صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي گهٽ ۾ گهٽ اجرت جو معاملو قومي اسيمبلي ڏانهن اماڻي ڇڏيو. قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فيصلو ڪري ته ان تي عمل ڇو نه ٿو ٿئي.