اوٽاوا (انٽريسٽنگ نيوز) ڪينيڊا جي هڪ مشهور يوٽيوبر مختصر عرصي ۾ 25 ڪيرولينا ريپر مرچ کائي گينيس ورلڊ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو آهي. ڪينيڊا جي گادي واري شهر اونٽاريو ۾ يوٽيوب مائيڪ جيڪ 4 منٽ 36.26 سيڪنڊن ۾ 25 ڪيرولينا ريپر مرچ کائي رڪارڊ قائم ڪيو، گذريل سال “پيپر ايڪس” متعارف ڪرائڻ کان اڳ هن مرچ کي دنيا جي گرم ترين مرچ سمجهيو ويندو هو. گينيز ورلڊ رڪارڊ سان ڳالهائيندي مائيڪ جيڪ چيو ته اهو ڪم ڪرڻ سولو لڳي ٿو پر هو انهن مرچن جي تکائي کي محسوس ڪري رهيو آهي.