نيويارڪ(انٽريسٽنگ نيوز) هڪ آمريڪي شهري گهٽ وقت ۾ ڪاغذ جو جهاز بڻائي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، هڪ سيريل گنيز ورلڊ رڪارڊ جوڙيندڙ ڊيوڊ رش رڳو 5.12 سيڪنڊز ۾ ڪاغذ جو جهاز ٺاهي اڏائي نئون رڪارڊ جوڙي ورتو آهي، ڊيوڊ رش جنهن وٽ سڀ کان وڌيڪ گنيز ورلڊ رڪارڊز جا اعزاز آهن، ان لنڊن ۾ گنيز ورلڊ رڪارڊ جي هيڊ ڪوارٽر جي دوري دوران ڪاغذ جي هوائي جهاز کي ٺاهي اڏائڻ جو نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي، ڊيوڊ رش ان کان اڳ اهو رڪارڊ 6.15 سيڪنڊز ۾ قائم ڪيو هو ۽ 5.12 سيڪنڊز جي وقت سان پنهنجو ئي رڪارڊ ٽوڙڻ ۾ ڪامياب رهيو، ڊيوڊ رش ٻڌايو ته جيتوڻيڪ ڪاغذ جي هوائي جهاز جو رڪارڊ ڪو پرڪشش نٿو لڳي پر بيشڪ اهو سڀ کان خوبصورت آهي، جو مون بڻايو آهي، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪڏهن ڪڏهن رفتار ۽ درستگي ڪمال کان وڌي ويندي آهي.