گهٻرائڻو ته پوي ٿو!

0
16
گهٻرائڻو ته پوي ٿو!

هر گذرندڙ لمحي، هر گام سان گڏ هِيءَ دُنيا جهڙي ريت تيزيءَ سان تبديل ٿئي، پر لڳي ائين ٿو اسان جي زندهه رهياسين ته ڪجهه ڏهاڪن کانپوءِ ڪجهه به ساڳيو نه رهندو. جي ڪجهه رهيو ته اهي اسان جي ماضيءَ جا ورق، جيڪي هاڻي به ياد اچڻ سان طبيعت ۾ عجيب ڪيفيت طاري ٿيو وڃي. حال کي اوريون ته اهي سماجي حقيقتون اڳيان اچي بيهن ٿيون ته هِي معاشرو سعادت حسين منٽو جي ڪهاڻين جي انهن ڪردارن سان ڀريو پيو آهي، جن وٽ ڪنهن لاءِ به احترام ناهي. هُو غُنڊا آهن. گهٽين جا شودا ماڻهو، جيڪي هاڃي رسائڻ کي سُٺو سمجهن ٿا. اسان جو جيون منٽو جي ڪهاڻين جي تلخ آهي. انهن تلخين ۾ وري اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه جا ‘بابا’ لوڪ فقير به اچيو وڃن. اُنهن جي لکڻين کانپوءِ گهڙي پل لاءِ ماڻهو پاڻ کي بڙ جي گهاٽي ڇانوَ ۾ محسوس ڪري ٿو. بلڪل ائين، جهڙي ريت جُون جي سِجَ مان نڪري، نومبر جي ٿڌڙي ريت ۾ پهچي ويا هُجون. هِي مضمون لکندي بابا اشفاق احمد جي لکيل ڳالهه ياد اچي رهي آهي. هن لکيو هو ته، “مديني شريف ۾ هڪ ڀيري هڪ سنڌي زائر سان ملاقات ٿي. جنهن پنهنجي حياتيءَ جا پنجويهه ڇويهه ورهيه حرم جي ڏاڪڻين تي گُذاريا هئا. مُون هن کي چيو: ‘سائين! توهان تمام گهڻا خوشقسمت آهيو، جو هن درٻار تي حاضري ڏيو ٿا. مونکي هڪ ڳالهه ٻڌايو ته توهان هتي ڇا ڪندا آهيو؟’ جواب ۾ اهو سنڌي همراهه مسڪرائي چوڻ لڳو: ‘بابا! اسان هتي ڪِرندا آهيون، وري اُٿي بيهندا آهيون. وري ڪِرندا آهيون ۽ وري اُٿي بيهندا آهيون. اسان غلطيون ڪندا آهيون ۽ معافيون گُهرندا آهيون. معافي ملي وڃي ته وري ڀُل چُڪ ٿيو پوي ته وري توبهون ڪندا آهيون ته رحم ٿيو وڃي.”

مون چيومانس: “سائين! هِيءَ عجيب ڪيفيت اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي؟، فرمائڻ لڳو: ‘بابا، مؤمن جو اهو شان آهي ته اهو ڪري ته ٻيهر اُٿي بيهي. هن کي لوڏو اچي ته پنهنجي جڳهه تي مضبوط ٿي بيهي رهي. مؤمن اهو ناهي هوندو، جيڪو ڪڏهن ٿاٻڙجي نه….مؤمن اهو هوندو آهي جيڪو ٿاٻڙجي ضرور پر پنهنجي جاءِ تي وڌيڪ مستعد ٿي وڃي!’ اشفاق احمد لکي ٿو: “مُون جڏهن ان سنڌي زائر کي هڪ ٻئي مختلف مقام تي ڏٺو ته دُعا جي درخواست ڪئي. هن منهنجو اهو عرض قبول ڪيو ۽ ٻئي هٿ مٿي ڪري چيائين! الله سائين، مونکي اهڙي طاقت عطا فرماءِ جو جن شين کي تبديل نه ڪري سگهان، اُنهن لاءِ پنهنجي جان عذاب ۾ نه وجهان ۽ جن شين کي تبديل ڪري سگهان، اُنهن لاءِ مونکي جُرئت عنايت ڪئي وڃي. ان سان گڏ مونکي اهو عقل به عطا فرماءِ، جيڪو انهن ٻنهي حقيقتن جي وچ ۾ فرق ڪري سگهي، جيئن مان بيڪار ۽ بي يارو مددگار ڀٽڪندو نه رهان!”

اشفاق احمد جون ڳالهيون پڙهي گهڙي سوا لاءِ ته ذهني ۽ رُوحاني سڪون حاصل ٿئي ٿو، پر پاڻ ڄاڻون ٿا ته حقيقي زندگي تمام گهڻي تلخ آهي. انهن تلخين منجهه هڪ اهم ڳالهه هِيءَ به آهي ته اهو عقل ڪٿان آڻجي، جنهن جي معرفت ٻن جدا حقيقتن ۾ فرق ڪري سگهجي! جهڙي ريت ڪجهه ڏينهن اڳ آيل منهنجي ڀيڻ جي فون، جيڪا روڻهارڪي لهجي ۾ گهڻو ڪجهه ٻُڌائي وئي. هن مسلسل ڳالهايو، مان خاموش ٿي ٻڌندو رهيس. هن ٻڌايو ته ڪهڙي ريت ڪجهه ماڻهن جي غلطين سان خاندان جي زندگي زهر ٿي وئي آهي. هن جي لاڳاتار ڳالهائڻ کانپوءِ مان هن کان فقط ايترو پڇيو ته، انهن جبل جيڏن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڀلا مان ڇا ٿو ڪري سگهان ته هن تڪڙي ورندي ڏني ته اخبار ۾ ته لکي سگهين ٿو. “اخبار ۾ لکڻ سان ڇا ٿيندو؟ هتي ته پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مرڻ شرط آهي….” اهو چئي مان فون کي قطع ڪيو. ڇاڪاڻ ته مُون وٽ ڳالهائڻ لاءِ وڌيڪ لفظ نه هئا!

عام ماڻهوءَ لاءِ حياتي ڪيتري ڪَٺن آهي؟ ان جو اندازو شايد ٻيو ڪو به لڳائي نه ٿو سگهي. انهن ڏکيائن ۾ جڏهن سڳا رشتا دُشمن بڻجي وڃن ته پوءِ زندگيءَ جو ڪهڙو حال ٿئي ٿو. پاڻ فقط سوچي سگهون ٿا! شايد اهي ئي سوچون هُيون يا ٻيو ڪو معاملو جو 25 سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ ساجدُ (فرضي نالو) خودڪشيءَ جي چوٿين ڪوشش ۾ سڦل ٿيو. هُو ڳوٺ جي مڱڻهارن ۾ بهترين دهلاري هو. هن سدائين خوشين ۾ شرڪت ڪئي هئي….۽ پوءِ ان ڏينهن جيون جي دهل تي آخري ڏؤنڪو هڻي، اجل جي راهه اختيار ڪيائين، هن جي مرڻ کانپوءِ وسنديءَ ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون، پر هاڻي هن جي ماءُ کي ماڻهن جي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. جوان پٽ جو گهر جي ڇت ڀڳل ڪمري جي ڪام ۾ ٽنگيل لاشو ڏسڻ سان هُوءَ پنهنجا سڀ حواس وڃائي ويٺي آهي!

انهن سڀني دردناڪ ڪٿائن ۾ هڪ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ٽين دنيا جي ملڪن ۾ انساني سماج مصنوعي طرح جيتري تيزيءَ سان ترقي ڪري پيو. اسان جا حواس ان اسپيڊ جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. ان ڪري اسان مان گهڻا ماڻهو، ڊوڙ جي رستي تي ئي مٿي تي هٿ رکي ويهي رهن ٿا. جي ويهي نه ٿا رهن ته انهن کي ڪا ڄنگهه ۾ لڳل اَڙي ڪيرائي ڇڏيندي آهي. انهن سڀني مامرن ۾ وري محبتون به ماري ٿيون وجهن. خليل جبران چيو هو: “نه ڄاڻ ڇو جڏهن محبتون فنا ٿيو وڃن يا وڇڙي وينديون آهن ته پنهنجي پويان خوشفهمي ڇو ڇڏي وينديون آهن! دل تي سدائين اها ڌن سوار رهندي آهي ته سامهون وارو جنهن سان بي انتها محبت آهي، اهو اسان کي ملي ويندو. اسان جو ساٿ چاهيندو، حالانڪه جُداين جا رستا تمام گهڻا طويل ۽ ڪربناڪ هوندا آهن. موڪلائي ويندڙ ڪڏهن به واپس ناهن ايندا، جيڪڏهن انهن کي ملڻو ئي هجي ها ته وڇڙي ڇو وڃن ها؟ جيڪڏهن توهان اڪيلا آهيو ۽ وقت جا دل ٽوڙيندڙ لمحا توهان جي محسوسات کي پائمال ڪري رهيا آهن ته ڇا ٿيو؟ توهان هن دنيا ۾ اڪيلا آيا هئا ۽ اڪيلا ويندا، جيڪڏهن قُدرت توهان کي اڪيلو تخليق ڪيو آهي ته پوءِ تنهاين کان ڪهڙو گهٻرائڻ؟” ….پر خليل جبران کي ڪير سمجهائي ته گهٻرائڻو پوندو آهي. زندگيءَ ۾ ۽ زندگيءَ کانپوءِ به جيئن، ان معصوم ماڻهوءَ جي قبر به گهٻرائيندي هوندي، جيڪو پنهنجي ٻارن تي ساهه ڏيندو هو. هن جي ڪل ڪائنات سندس معصوم ٻارڙا ئي هئا. شام جو ٿڪل قدمن سان آفيس مان ڊيوٽي ڪري جڏهن گهر جي در کي ڏسندو هو ته هن جا قدم تيز ٿي ويندا هئا. ڇاڪاڻ ته گهر جي چائنٺ تي هن جي ٻارڙا هن جي انتظار ۾ بيٺل هوندا هئا. جن کي ڏسي هن جا سارا ٿڪ لهي ويندا….۽ پوءِ هڪ ڏينهن هُو خاموشيءَ سان ڪيترائي درد کڻي قبرستان ۾ ابدي آرامي ٿيو. پويان هن جي زال بس ايترو انتظار ڪيو ته مڙس جي بُٺيءَ جي مٽي سا سڪي. هن کي ٻي شاديءَ جي تمام گهڻي تڪڙ هئي. هن جي مامتا کي به جهٻو نه آيو. هاڻي ٻيو ڪجهه به ناهي. بس، بابا جا اهي دادلا ٻار مصيبت ۾ آهن. ويڳي پيءُ جو رويو. ڪالهه ڪنهن ٻڌايو پئي ته، ننڍڙي کي بخار ٿي پيو ته ماءُ گهر مان ڪڍي ڇڏيس، پاڙي وارن چندو ڪري علاج ڪرايو. هاڻي خليل جبران کي ڪيري سمجهائي ته هن ڪوڙهيل سماج ۾ زندگي ڇا آهي؟! انبوهه وچ ۾ هجي يا حياتي تنهائين ۾ هجي، گهٻرائڻو ته پوي ٿو!