گھوڙاٻاري ( ن پ ا ) تعلقي گھوڙاٻاري جي ڳوٺ نور محمد شورو جي رھواسي پورھيت محمد اڪرم شورو جي 5 سالا معصوم نياڻي تسميه شورو راند کيڏندي گھرن ڀرسان پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي وئي، جنھن جو لاش پاڻي جي تلاءَ مان فوري طور تي ڪڍي شيخ زيد اسپتال ميرپور ساڪرو پھچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، لاش گھر پھچڻ تي گھر  ۾ ڪھرام مچي ويو.