گهوڙا ٻاري جو صوبائي تڪ ختم ڪرڻ وارو فيصلو چيلينج

0
129
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين تي پابندي ۾ 20 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪاري نوڪرين تي پابندي ۾ 20 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي

ٺٽي ضلعي جي صوبائي تڪ گهوڙاٻاري  کي ختم ڪرڻ خلاف سنڌ ھاء ڪورٽ ۾ 12 ڄڻن پٽيشنز داخل ڪرائي ڇڏيون آهن

عدالت پٽيشنز ٻڌڻي لاءِ منظور  ڪندي20ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن

پي ايس 78 کي اصل حالت ۾ بحال ڪرائڻ بابت درخواستن تي وقتي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي

عدالت اليڪشن ڪميشن، تڪ بندين بابت ڊي سي ٺٽو ۽ ٻين کي جواب داخل  ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

گهوڙاٻاري واسي 12 ماڻهن طرفان  عدالت ۾ اليڪشن ڪميشن کي ڌر  ڄاڻائيندي پٽيشن داخل ڪرائي وئي آهي

درخواست گذارن موقف اختيار ڪيو ته گهوڙاٻاري تڪ جي اصليت ختم ڪري ٺٽي ضلعي کي رڳو ٻن تڪن  تائين محدود ڪيو ويو، گهوڙاٻاري جو صوبائي تڪ ختم ڪرڻ ناانصافي آھي، تڪ کي اصلي حالت ۾ بحال ڪيو وڃي