گھوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، خبر موجب شهر جي اسٽيشن روڊ جو رهواسي سليمان ڪولاچي گھر جي بجلي ٺاھڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو، جنھن کي وارث سول اسپتال کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن پاران نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، فوتي نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.