گهوٽڪي ۾ پي ٽي آءِ جي اهم وڪيٽ ڪري پئي، افتخار لنڊ جو اهم اعلان

0
756

گهوٽڪي ضلعي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سياسي طاقت سمهجيو ويندڙ افتخار لنڊ اهم اعلان ڪري ڇڏيو آهي

گهوٽڪي جي ضلعي صدر افتخار لنڊ صدارت ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، افتخار لنڊ چيو آهي ته عمران خان سان گذاريل 11 سال منهنجي زندگي جا ڏکيا سال هئا

هن چيو ته پنهنجي سياسي حڪمت عملي جو اعلان جلد ڪندس

ٻئي پاسي امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته افتخار لنڊ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪري سگهي ٿو پر ان حوالي سان افتخار جو ڪو بيان سامهون ناهي آيو