ڪراچي/ خانپور مهر (نمائندن وٽان ) سنڌ ۾ پوليو ڪيسن ۾ واڌ، گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليو جو هڪ وڌيڪ ڪيس ظاهر، صوبي ۾ پوليو ڪيسن جو انگ 13 ٿي ويو. ان حوالي سان گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي خانڳڙهه جي ڳوٺ چڪ سيال ۾ 3 ورهين جي ٻالڪ اسماعيل قادر پتافي کي پوليو هجڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ پوليو جا 23، ڪي پي ۾ 9، پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ پوليو جو هڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿي چڪو آهي. ملڪ ۾ مجموعي طور تي پوليو ڪيسن جو انگ 47 تائين پهچي ويو آهي.