گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ ابل ميربحر جي رهواسي عورتن ۽ مردن حضور بخش ميراڻي، عبدالڪريم ميراڻي، غلام ياسين ميراڻي، روبينا ميراڻي، حڪيمان ميراڻي پاڪ ڪتاب کڻي اي سيڪشن ٿاڻي آڏو ڌرڻو هنيو.اڳواڻن جو چوڻ هو ته نديم ميراڻي کي ڪنهن تشدد ڪري قتل بعد لاش ٽرين هيٺيان اڇلايو آهي. قاتلن منصوبابندي جوڙي درزڪو ڪم ڪندڙ نديم ميراڻي جي لاش کي ٽرين هيٺاڻ ڏئي قتل کي حادثاتي موت قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.نديم ميراڻي کي غسل ڏيڻ وقت ويهڪ واري جاءِ مان ٻن فوٽن جو ڏنڊو ڪڍيو ويو هو جنهن جو غسل ڪرائيندڙ مولوي شاهد آهي. مظاهرين موجب ته سول اسپتال گهوٽڪي جي ڊاڪٽر ميرحسن مهر نوجوان جو پوسٽ مارٽم صحيح نه ڪيو، صرف ڌڪ ڏسي ۽ ايڪسرو ڪڍي لاش حوالي ڪيو، پوليس قتل ڪيس به داخل نه ٿي ڪري. مظاهرين ايس ايس پي گهوٽڪي,ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گهوٽڪي ۽ ٻين وس وارن کان معاملي جي انڪوائري ڪرائي مقتول نوجوان نديم ميراڻي جو قتل ڪيس داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.