گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي پريس ڪلب ڀرسان قادرپور روڊ تي نامعلوم جوابدارن سسي وڍي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان جي ڳچي تي تيز ڌار واري اوزار سان جهير ڏئي کيس زخمي ڪيو ويو، جنهن بعد ۾ تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو، واقعي سبب علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال گهوٽڪي منتقل ڪيو، پوليس موجب جاچ شروع ڪئي وئي آهي، واقعي واري هنڌ تان سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ ڪيا پيا وڃن، جنهن مان خبر پئجي سگهندي ته نوجوان کي ڪنهن قتل ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي.