گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان سالي کي پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ فائرنگ ڪرڻ دوران گولي لڳڻ سبب مڙس هٿان گهرواري مارجي وئي، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ شهر جي ٽانوري پلاٽ ۾ عابد گڏاڻي سالي  کي پٽ ڄمڻ جي خوشي ۾ گهر اندر فائرنگ ڪئي ته گولي سندس گهر واري فوزيا گڏاڻي کي مٿي ۾ لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، زخمي ٿيل عورت  فوزيه گڏاڻي کي علاج لاءِ  سول اسپتال  منتقل ڪيو پئي ويو ته عورت رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو،  ٻي طرف پوليس موجب ته   مارجي ويل عورت جي مڙس عابد علي گڏاڻي کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ معاملي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آھيون.