گهوٽڪي(رپورٽر) سنڌ جي راندين واري کاتي پاران ٽن ڏينهن واري گهوٽڪي اسپورٽس فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن به عورتن ۽ مرد رانديگرن جي مختلف راندين جا مقابلا جاري رھيا. گهوٽڪي اسپورٽس فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن تي راندين واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مھر اسپورٽس ڪامپليڪس گهوٽڪي ۾ خاص مھمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته راندين واري کاتي جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر مير محمد ڪلهوڙو ۽ ڊسٽرڪٽ اسپورٽس آفيسر به موجود هيا. صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مھر ٻھراڙيءَ جي عورتن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ، فٽسال، واليبال، هاڪي، ٿرو بال، ۽ ڇوڪرن ۾ ڪوڊي ڪوڊي ۽ فٽسال جا مقابلا به ڏٺا. ان موقعي تي سردار محمد بخش مھر جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ رانديگرن کي سهولتون ۽ فنڊنگ مهيا ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. ٻھراڙيءَ جي عورتن کي راندين ۾ حصو وٺندي ڏسي ٻيون عورتون به متحرڪ ٿينديون ۽ انھن تي ھاڪاري اثر پوندو. ھن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ٻھراڙيءَ وارن علائقن ۾ راندين جي ميدانن ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي رھي آھي. ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن مختلف راندين ۾ ڀرپور صلاحيتون ڏيکاريون آھن. عورتن ۾ ڪرڪيٽ سميت ٻين راندين جي تيزي سان مقبوليت وڌي رھي آھي ۽ رانديگرياڻيون پنھنجين صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري رھيون آھن. گهوٽڪي اسپورٽس فيسٽيول جي پڄاڻي واري تقريب ضلعي گهوٽڪي جي شھر خانگڙھ ۾ سومر واري ڏھاڙي شام جو منعقد ٿيندي.