گھوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي ۾ جوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 12 جوابدان کي هڪ هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ جي جج عبدالفتاح جوڻيجو جوا جي ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 12 جوابدارن کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن ۾ محمد اسحاق، حسين بخش، محمد عمر، محمد ابراهيم، نويد احمد، سعيد احمد، ارباب علي، ديدار علي، امتياز احمد، علي انور ۽ ڪمال احمد شامل آهن، واضح رهي ته جوابدارن کي سال 2024ع ۾ ڳوٺ رستم پتافي ۾ جوا کيڏندي سرحد پوليس گرفتار ڪيو هو، جن وٽان 56 موٽرسائيڪلون، هڪ ڪلٽس ڪار، 54 هزار چار سئو رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي هئي.