گھوٽڪي (رپورٽر)گھوٽڪيءَ ڀرسان نيشنل هاءِ وي ٽول پلازا تي مسافر ڪوچ  ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر، 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا. مسافر ڪوچ رحيم يار خان کان سکر طرف وڃي رهي هئي ته بريڪ فيل ٿيڻ سبب ٽول پلازا تي بيٺل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي مسافر ڪوچ ٽرڪ سان ٽڪرائجڻ سبب گھوٽڪي واسي مبين احمد ڪولاچي، رقيب ڪولاچي، شبيران عباسي، محمد عمران، اشفاق احمد، ثقلين حسين، طلب حسين سميت 10 ڄڻازخمي ٿي پيا جن مان ٽن زخمين مبين احمد، رقيب ڪولاچي ۽ شبيران عباسي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کين رحيم يار اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.