گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ضلعي ۾ بدامني جي باهه گهٽجي نه سگهي، وڌيڪ 2 پورهيت مبينا اغوا، گهوٽڪي ڀرسان قادرپور جي ڪچي مان وڻن جا واپاري عبدالستار گهڃو ۽ هڪ نامعلوم پٺاڻ کي ڌاڙيل مبينا اغوا ڪري ويا، مغوي عبدالستار گهڃو جي وارثن موجب ڌاڙيلن فون ڪال ڪري ڀنگ جي رقم ٻڌائڻ جو انتظام ڪرڻ لاءِ چيو آهي، وارثن موجب اسان جو نوجوان روزگار سانگي ڪچي ويو هو، جنهن کي ڌاڙيلن دوکي سان گهرائي اغوا ڪيو آهي، هنن واپاري ۽ سندس ساٿي کي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي.