ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ورڪس کاتي کي گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو بند پيل ڪم هڪ هفتي اندر ٻيهر شروع ڪري اتي ڪم ڪندڙ عملي کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ورڪس کاتي جي اجلاس ۾ سيڪريٽري ورڪس نواز سوهو آگاهي ڏني ته گهوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل جو 4 لين منصوبو 3.4 ارب رپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو آهي. منصوبي جي ڊيگهه 25 ڪلوميٽر ۽ پل جي ڊيگهه 1.2 ڪلوميٽر آهي. هن چيو ته 2 ملازمن جي اغوا سبب جون 2023 ۾ منصوبي تي ڪم روڪيو ويو هو. وڏي وزير ڪم بند ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته انهي سان نه رڳو منصوبي جي لاڳت ۾ اضافو ٿيندو پر علائقي جي عوام کي پڻ تڪليف ٿيندي، هن چيو ته هڪ هفتي اندر ڪم شروع ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.