گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ رات دير سان موٽر وي ايم فائيو سکر _ ملتان   پوليس پڪٽ 130 تي ڌاڙيلن جي ٽولي ڪاهه ڪري ايندڙ ويندڙ گاڏين مان ڦر لٽ ڪرڻ کانپوءِ  ٽرڪ ڊرائيور کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دوران ڊرائيور پاران رڙيون ۽ دانهون ڪرڻ تي ڳوٺاڻا پهتا، جنهن کانپوء ڳوٺاڻن ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ اٽڪل 2 ڪلاڪن تائين فائرنگ جاري رهي، ان باوجود اطلاع تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي، فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ دوست محمد ڪلهوڙو جو رهواسي نوجوان باقر ڪلهوڙو گولين جو کاڄ بڻجي ويو، جڏهن ته 4 ڄڻا در محمد، شاهجهان،  عمران ڪلهوڙو ۽ ٽرڪ ڊرائيور عديل  زخمي ٿي پيا، بعد ۾ زخمين ۽ مقتول نوجوان جي مڙهه کي تعلقي اسپتال آندو ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول   نوجوان جي يو آء تعلقي گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري مولانا غلام رسول ڪلهوڙو جو ڀائٽيو هو، ٻي طرف  ڳوٺاڻن موجب ته  موٽر وي ايم فائيو پڪٽ 130 ڀرسان هٿياربندن سان ڳوٺاڻن جي اٽڪل ٻن ڪلاڪ تائين فائرنگ جاري رهي پر پوليس نه پهتي، جنهن بعد ڌاڙيلن اسان جي ماڻهن کي قتل ۽ زخمي ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن ھوڏانهن پوليس موجب ته جوابدار اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين  واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.