گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ڀرسان هٿياربندن پوليس چوڪي تي حملو ڪري سپاهي کي شهيد ڪري ڇڏيو، هٿياربند مبينا طور تي چوڪي تان پوليس اهلڪارن جا هٿيار به کڻي ويا، ان ڏس ۾  ڪچو ٻنڊي ٿاڻي جي حد ٽٻي مائينر پوليس چوڪي تي هٿياربند حملو ڪري فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ پوليس چوڪي تي ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪار علي بخش پتافي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ڌاڙيل پوليس چوڪي تان مبينا طور تي پوليس اهلڪارن جو 4 سرڪاري جي ٿريون ۽ گوليون به کڻي فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع ملڻ تي گهوٽڪي ۾ نئون مقرر ٿيل ايس پي منير کهڙو واقعي واري هنڌ پهتو، هوڏانهن شهيد ٿيل پوليس اهلڪار جي مڙهه کي تعلقه اسپتال نيو ويو، جتي سندس مٽ مائٽ پڻ اسپتال پهچي اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا، اسپتال ۾ موجود شهيد اهلڪار جي پيءُ عارف پتافي چيو ته پٽ حيدر آباد جي ورسٽي ۾ انگريزي ۾ پڙهندو پر 2 سال اڳ پوليس جي نوڪري ملڻ بعد پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي پوليس جي نوڪري جوائن ڪئي، جنهن بعد هن ڪميشن جا ڪتاب انهي گهر رکيا هيا ۽ گهر ۾ ڪميشن جي تياري ڪري رهيو هو، هن چيو ته ڏک اهو آهي ته ڌاڙيلن منهنجي پٽ تي اڪيلو ڏسي ۽ لڪي وار ڪيو آهي ڌاڙيل ساڻس سڌو مقابلو ڪن ها ته ڏک نه ٿئي ها، هن چيو ته پٽ جي شهادت تي فخر آهي، هو ڊيوٽي جو پابند هيو.