گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ علي مهر جي رهواسي امتياز مهر موجب ته 40 سالن جو نوجوان ڀاءُ محمد مٺل مهر اڄ منجهند جو گهوٽڪي شهر مان خريداري ڪرڻ لاءِ آيو ته گهر واپس ناهي موٽيو، هن چيو ته ڳولا باوجود ڀاءُ جو ڪٿان به ڏس پتو ناهي پيو، سخت پريشان آهيون، هن چيو ته ڀاءُ جي موبائيل فون جي آخري لوڪيشن عمر ڊهو ڪچي جي ٽاور وٽ ملي آهي، خدشو آهي ته ڀاءُ کي اغوا ڪيو ويو آهي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته گم ٿي ويل نوجوان محمد مٺل مهر جي ڳولا ڪري رهيا آهيون.