گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي جي ڪچي ۾ جاگيراڻي لولائي هٿياربندن جا هڪٻئي تي حملا، بدنام ڏوهاري مارجي ويو، پٽ زخمي، پلاند ۾ لولائي برادري جو همراهه قتل، پوليس کي لاش کڻڻ نه ڏنا ويا، ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ، خبر موجب ڪچو ٻنڊي ٽو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ لولائي ۽ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب بدنام ڌاڙيل علي حسن جاگيراڻي مارجي ويو، جڏهن ته سندس پٽ ايوب جاگيراڻي زخمي ٿي پيو، پلاند ۾ جاگيراڻي برادري جي هٿياربندن حملو ڪري پيرو عرف پير بخش لولائي کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو وقفي وقفي سان ڪيترائي ڪلاڪ جاري رهيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر آخري اطلاعن تائين پوليس کي لاش نه ملي سگهيا، ذريعن موجب ڪجهه وقت اڳ ٽريڪٽر ڊرائيور شبير لولائي کي قتل ڪرڻ جي پلاند ۾ علي حسن جاگيراڻي کي لولائي برادري جي ماڻهن ماريو، مارجي ويل ڏوهاري علي حسن جاگيراڻي مٿان گهوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ اغوا، پوليس مقابلن، ڦرن ۽ چورين جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، جن ۾ هو پوليس کي گهربل هو.