گهوٽڪي(رپورٽر) گهوٽڪي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خيبر ايجنسي واسي پيرسن جمال شاهه کي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، اغوا ٿيڻ کان بچي ويل پيرسن جمال شاهه موجب ته ڪجهه مهينا اڳ رانگ نمبر تي عورتاڻي آواز ۾ موبائيل فون تي ڪال آئي، بعد ۾ ان عورت سان دوستي ٿي ۽ اها دوستي شادي جي رشتي ۾ تبديل ٿيڻ وئي، هو گهوٽڪي ۾ شادي ڪرڻ لاءِ پهتو پر گهوٽڪي پوليس کيس ڪنوار وٺڻ بنا ٿاڻي تي آڻي ويهاري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان بي سيڪشن پوليس موجب جديد ٽيڪنالوجي ذريعي خبر پئي ته پيرسن عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ وڃي رهيو آهي جنهن کي محمدپور لنڪ روڊ تان اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.