گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪي پوليس هفتو اڳ اغوا ٿيل عاشق علي سولنگي کي ڪچي واري علائقي مان بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ پوليس موجب ته  عاشق سولنگي کي هفتو اڳ اسلام ڳوٺ ڀرسان اغوا ڪيو ويو هو، هٿياربند عاشق سولنگي کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري مغوي کي ڇڏائي ورتو آهي.